سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي صوبائي تڪ پي ايس 12 تي اليڪشن ڪميشن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ واري فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو

اپريل 5, 2024

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي صوبائي تڪ پي ايس 12 تي اليڪشن ڪميشن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ واري فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو، ڪياماڙي ضلعي ۾ پي ايس 112 ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بعد نتيجا تبديل ٿي ويا، ٻيهر ڳڻپ بعد پيپلزپارٽي جو محمد آصف ڪامياب ٿيو، عام چونڊن دوران پي ايس 112 تان پي ٽي آءِ جو حمايت يافته آزاد اميدوار سربلند خان ڪامياب ٿيو هو، اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بعد پيپلزپارٽي جي محمد آصف 11 هزار 724 ووٽ حاصل ڪيا، پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوار سربلند خان کي 9 هزار 847 ووٽ ملي سگهيا، سربلند خان ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ واري فيصلي کي اڄ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو، عدالت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

Leave A Comment