سنڌ هاءِ ڪورٽ شهيد مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ شعيب سڊل سميت سمورن جوابدارن کي 20 آگسٽ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

مَي 29, 2024

سنڌ هاءِ ڪورٽ شهيد مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ شعيب سڊل سميت سمورن جوابدارن کي 20 آگسٽ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي ملازم نور محمد پاران جوابدارن جي بريت خلاف اپيل تي ٻڌڻي هلائي، شعيب سڊل جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي شعيب سڊل کي فيض آباد ڌرڻي جي جاچ سونپي وئي آهي، شعيب سڊل پيش ٿي نه ٿو سگهي، کيس حاضريءَ کان ڇوٽ ڏني وڃي، اڳوڻو ڊي آءِ جي واجد دراني به بيمار آهي ۽ وهيل چيئر تي آهي، پيش ٿي نه ٿو سگهي، عدالت جوابدارن جون ميڊيڪل رپورٽس طلب ڪندي هڪ ٻن ڏينهن لاءِ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪئي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته اپيلون ڊگهي عرصي کان التوا جو شڪار آهن، ايندڙ ٻڌڻي تي اپيلن تي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي، وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار شاهد حيات، شبير قائمخاني، آغا محمد جميل ۽ مسعود شريف لاڏاڻو ڪري چڪا آهن، عدالت 20 آگسٽ تي سمورن جوابدارن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، شهيد مرتضيٰ ڀٽو کي 20 سيپٽمبر 1996 تي مبينا پوليس مقابلي دوران قتل ڪيو ويو هو

Leave A Comment