سنڌ هاءِ ڪورٽ پروفيسر نوتن لال کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

مارچ 1, 2024

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ عمر قيد جي سزا ٻڌايل ميرپور ماٿيلو جي پروفيسر نوتن لال کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نوتن لال توهين جي الزام هيٺ ٻڌايل عمر قيد جي سزا خلاف اپيل داخل ڪرائي هئي، عدالت اپيل منظور ڪندي ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، 2022 ۾ ففٿ اينڊيشنل سيشن ڪورٽ سکر پروفيسر نوتن لال کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي، نوتن لال خلاف 2019 ۾ ميرپور ماٿيلو ۾ توهين جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو هو، پروفيسر نوتن لال 2019 کان سينٽرل جيل سکر ۾ قيد آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ اپيل منظور ڪندي نوتن لال کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Leave A Comment