سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي اي کي سڄي ملڪ ۾ سماجي رابطن واري سائيٽ ايڪس بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

فيبروري 22, 2024

سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي اي کي سڄي ملڪ ۾ سماجي رابطن واري سائيٽ ايڪس بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت حڪم ۾ چيو آهي ته ايڪس جي سروس بنا ڪنهن خلل ۽ بندش جي بحال ڪئي وڃي، ايندڙ ٻڌڻي تي پي ٽي اي ۽ ٻين ڌرين کان تفصيلي جواب به طلب، درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته گهرو وزير بيان ڏنو آهي ته ايڪس بند ڪرڻ جون هدايتون جاري نه ڪيون ويون آهن، وزيراعظم، گهرو وزير ۽ آءِ ٽي جو وزير پاڻ وي پي اين لڳائي ايڪس تي قوم کي ٻڌائين پيا ته ايڪس بند نه آهي، چيف جسٽس عقيل احمد چيو ته ايڪس جي سروس ڪير بند ڪندو آهي ۽ ڪنهن حڪم ڏنو آهي؟ وڪيل چيو ته ايڪس بند ڪرڻ يا سروس سلو ڪرڻ جو اختيار رڳو پي ٽي اي وٽ آهي، چيف جسٽس چيو ته ڪيترن ڏينهن کان ايڪس بند آهي؟ اسان اڳ به بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، وڪيل چيو ته جنهن ڏينهن ڪمشنر راولپنڊي ڌانڌلين جو اعتراف ڪيو هو ان ڏينهن کان ايڪس بند آهي

Leave A Comment