سنڌ ۾ گيس کوٽ تي پ پ جو احتجاج: ”چائنا ڪٽنگ“ جي ذڪر تي متحده جو هنگامو
جُون 25, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي)سنڌ ۾ گيس جي کوٽ تي پيپلز پارٽي جو احتجاج،بجيٽ تي بحث دوران”چائنا ڪٽنگ“ جو ذڪر ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم ميمبرن گوڙ شروع ڪري ڏنو، ڪالهوڪي اجلاس ۾ بجيٽ تي بحث دوران پ پ جي صوبائي وزير شاهينا شير علي ۽ فياض ٻٽ ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ميئر مصطفيٰ ڪمال جو حوالو ڏيندي شهر ۾ چائنا ڪٽنگ جو ذڪر ڇيڙيو. فياض ٻُٽ چيو ته هڪ جعلي رپورٽ تي مصطفيٰ ڪمال کي دنيا جو پهريون نمبر ميئر قرار ڏنو ويو هو، صوبائي وزير شاهينه شير علي پڻ اڳوڻي ميئر مصطفيٰ ڪمال تي تنقيد ڪندي چيو ته سندس دور۾ ئي ڪراچي ۾ چائنا ڪٽنگ ڪئي وئي، هي اهو وقت هو ، جڏهن هڪ شخص جي اشاري تي پورو شهر بند ٿي ويندو هو، پ پ ميمبرن جي اهڙي جملن بعد ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، ايم ڪيو ايم ميمبرن ايوان ۾ گوڙ شروع ڪري ڏنو، پ پ ميمبرن جي تقريرن ۾ رڪاوٽ وجھڻ شروع ڪري ڇڏيون. انهي دوران صوبائي وزير سردار شاھه، مڪيش ڪمار چاولا ۽ سعيد غني وچ ۾ پئجي معاملو ختم ڪرائي ڇڏيو. صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته تقريرن دوران قيادت تي تنقيد ۽ لسانيت پکيڙڻ کان پاسو ڪيو وڃي، ثقافت واري صوبائي وزير ذوالفقار شاھه چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ميوزڪ ٽيچرز جي ڀرتين بابت اسٽي ڏئي ڇڏيو آهي، عدلت کي گهرجي ته اها مسڪين ميوزڪ ٽيچرز بابت اسٽي ختم ڪري، هن چيو ته وفاقي سرڪار نيشنل ميوزم کي سنڌ سرڪار کي واپس ڪري، هن چيو ته گورک هل ڊولپمنٽ اٿارٽي تي تنقيد ٿيندي هئي ته اها گورک تي ڪم نه پئي ڪرائي، گورک جابلو علائقو آهي، لينڊ سلائيڊنگ ۽ نئين جي وهڪري سبب روڊ بند ٿي وڃن ٿا، هن چيو ته گورک کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ترقي ڏيارڻ جو منصوبو آهي، واهي پانڌي وٽ روڊ ڪڍي گورک کي ڪراچي سان ڳنڍيو ويندو، زڪوات واري وزير رياض شاھ شيرازي چيو ته زڪوات کاتي جي 11 هزار 25 ايڪڙ زمين آهي ،جڏهن ته 3013 دڪان ۽ ڪمرشل ملڪيتون آهن، سموري پراپرٽي کي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي. آمدني وڌائڻ لاءِ ملڪيتن جي مسواڙ وڌائي ويندي، هن چيو ته زڪوات کاتي ۾ بايو ميٽرڪ سسٽم متعارف ڪرايو آهي، هن چيو ته حيدرآباد_ٺٽو روڊ نيشنل هاءِ وي وٽ آهي، اتان ٽيڪس وصول باوجود روڊ کي ڊبل نه پيو ٿئي. اگر وفاق روڊ ڊبل نه ڪيو ته سنڌ حڪومت اهو روڊ ڊبل ڪرائيندي. هن چيو ته سمنڊ 32 هزار ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي، ڪوسٽل هاءِ وي ذريعي سامونڊي لهرن کي بند ڏنو ويندو، اميد آهي ته انهي سان بهتري ايندي. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته سنڌ هن وقت گيس جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، ملڪ ۾ گيس جي ڪُل پيداوار جو 70 سيڪڙو گيس رڳو سنڌ ڏئي ٿي، اها گيس ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ته پهچي ٿي پر سنڌ پاڻ گيس کان محروم آهي.