سنڌ ۾ چوماسي جو طاقتور سسٽم داخل: مختلف شهرن ۾ ٻوڏ جو خطرو: مون سون سيل قائم
آگسٽ 27, 2024
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ چوماسي جي طاقتور سسٽم جي آمد بعد وڏي وزير پاران مون سون سيل قائم ڪيو ويو آهي،پي ڊي ايم اي سنڌ برساتن دوران مختلف شهرن ۾ ٻوڏ جو خطرو ظاهر ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب وڏي وزير مراد شاهه جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه چيو ته کير ٿر رينج تي وسڪارن بعد دادو، قمبر، شهدادڪوٽ، جيڪب آباد ۽ ڄامشورو ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال ٿي سگهي ٿي، هاڻوڪو برساتي سسٽم 31 آگسٽ تائين جاري رهندو، برساتن جو هڪ ٻيو سسٽم سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾ داخل ٿي سگهي ٿو، چيف ميٽرالاجسٽ سردار سرفراز اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ 27 کان 31 آگسٽ تائين طوفاني برساتن جا امڪان آهن، وڏي وزير پاران صوبي جي سمورن ڪمشنرز کي صورتحال ڏسي حفاظتي قدم کڻڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ جي سمورن بلدياتي ادارن کي حرڪت ۾ اچڻ جي هدايت ڪري ڇڏي وڏي وزير چيو ته فشريز کاتو مهاڻن جي رهنمائي لاءِ گهربل هدايتون جاري ڪري، ڪراچي جي سمورن نالن جي نگراني سخت ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. موسميات جي دي جي سرفراز احمد ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 150 کان 200 ملي ميٽر برسات پئجي سگهي ٿي. ٺٽو، سجاول، ميرپورخاص، سانگهڙ، شهيد بينظير آباد ۾ 250 کان 300 ملي ميٽر برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جڏهن ته بدين، ٽنڊي محمد خان، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ 500 ملي ميٽر برسات جو امڪان آهي، باقي ضلعن ۾ 70 کان 100 ملي ميٽر برسات پوڻ جو امڪان آهي. وڏي وزير کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 28 کان 30 آگسٽ تائين تيز برساتن سبب ڪراچي ۾ شهري ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. ٺٽو، سجاول، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊوالهيار، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، حيدرآباد، مٽياري، دادو، ڄامشورو، نوابشاهه ۽ سانگهڙ ۾ به شهري ٻوڏ جو امڪان آهي. تيز برساتن سبب سکر، لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، خيرپور ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ به ٻوڏ جو خطرو آهي جڏهن ته تيز هوائن سبب گهرن، بجلي جي پولن، سولر پينلن ۽ وڻن کي به نقصان پهتو آهي. ٿڌ سبب جاني نقصان جو خدشو پڻ آهي. سيڪريٽري آبپاشي ظريف کهيڙو بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌو درياهه تي 1206 ميل بند آهن. اتي 875 ميل فرنٽ لائن بند، 331 ميل لوپ بند جڏهن ته 119 ميل جابلو حدن کان ٻوڏ کان بچاءُ وارا رستا آھن. سپريو بند 19 ميل ڊگهو آهي. پاڻي ذخيرو ڪندڙ بندن مان منڇر بند 20 ميلن تائين پکڙيل آهي. ڪينجھر ڍنڍ ساڍا 12 ميل ڊگھي ۽ چوٽياري بند 37.2 ميل ڊگھو آھي. وڏي وزير آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي ته هو چوماسي مند ۾ تيز برساتن دوران درياهه جي بندن، ساڄي ڪناري ۽ ايل بي او ڊي جي نگراني کي سخت ڪري. کاٻي ڌر جي نظام کي به مانيٽر ڪيو وڃي. سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ شڪايتي سيل قائم ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ فون نمبر 02199207349 ۽ 02199207568 تي شڪايت داخل ڪرائي ۽ مدد طلب سگهن ٿا.