سنڌ ۾ اڱاري کان نئين هيٽ ويوو جي اڳڪٿي: الرٽ جاري
مَي 18, 2024
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي ( پي ڊي ايم اي) 21 کان 27 مئي تائين نئين هيٽ ويوو جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھ جي صدارت هيٺ هيٽ ويو کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي ڊي ايم اي چيف، ڪمشنر ڪراچي سميت ٻين ادارن جي اختيارين شرڪت ڪئي، پرڳڻي جي سمورن ڪمشنرن کي به ويڊيو لنڪ تي ورتو ويو، پي ڊي ايم اي جي ڊي جي اجلاس کي ٻڌايو ته صوبي ۾ 21 کان 27 مئي تائين هيٽ ويوو رهندي، جنهن لاءِ سمورن ادارن کي آگاهه ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته هيٽ ويو کان بچاءُ لاءِ آگاهي مهم هلائي وڃي، صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ هيٽ ويو کان بچاءُ لاءِ سينٽر ٺاهيا وڃن، مارڪيٽن ۾ ٿڌو پاڻي رکيو وڃي، رش وارن هنڌن تي اس کان بچڻ لاءِ شيڊ لڳايا وڃن، چيف سيڪريٽري ريسڪيو 1122 سروس کي به هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي، هن توانائي کاتي جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو کي گرمي مند دوران بجلي فراهمي لاءِ پابند بڻايو وڃي