سنڌ اندر پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ ۽ چوري خلاف آبادگار سراپا احتجاج
مَي 31, 2024
سنڌ اندر پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ ۽ چوري خلاف آبادگار سراپا احتجاج، ڪنري شاخ جا آبادگار پاڻيءَ جي کوٽ خلاف رستن تي نڪري آيا، مير موري کان ڪنري تائين پيادل مارچ، ڪنري ۾ آبادگارن جو پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ڌرڻو، ملڪاڻي شريف ۾ جرڪس، کوسڪي ۽ آئيلپور شاخن جي آبادگارن جي ريلي، جهڏو-پنگريو روڊ تي ڌرڻو، آبادگارن جو چوڻ آهي ته پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، فصل سُڪي تباھ ٿي ويا آهن، تلائن ۾ پاڻي ختم ٿيڻ ڪري انسان توڙي جانور به اڃ مري رهيا آهن