سنڌ پوليس ڪمرشل ڊرائيونگ لائسنس ٽيسٽ وارو اختيار ٽرانسپورٽ کاتي حوالي نه ڪيو: ناڻي کاتي کي اعتراض
جُون 3, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ ڪمرشل ڊرائيونگ لائسنس لاءِ ڊرائيونگ ٽيسٽ وارو ٽرانسپورٽ کاتي جو اختيار سنڌ پوليس حوالي ٿيل، ٽرانسپورٽ کاتي ۾ 19 موٽروهيڪل انسپيڪٽر ڀرتي ٿيڻ بعد سنڌ پوليس پاران رڳو فٽنس سرٽيفڪيٽ، ڪنڊمنيشن سرٽيفڪيٽ ۽ روڊ حادثن جي رپورٽ تيار ڪرڻ وارا اختيار ٽرانسپورٽ کاتي کي واپس ڪيا ويا، سنڌ پوليس ڪمرشل ڊرائينسگ لائسنس جاري ڪرڻ لاءِ ڊرائيونگ ٽيسٽ وٺڻ وارو اختيارٽرانسپورٽ کاتي جو هجڻ باوجود پاڻ وٽ رکي ڇڏيو، ناڻي کاتي جي اعتراضن باوجود سنڌ پوليس پاران ڪمرشل ڊرائيونگ لائسنس لاءِ ڊرائيونگ لائسنس واري ٽيسٽ وٺڻ جو اختيار ٽرانسپورٽ کاتي حوالي نه ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ پوليس ڪمرشل ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرڻ لاءِ ڊرائيونگ ٽيسٽ وارو اختيار ٽرانسپورٽ کاتي حوالي نه ڪيو ويو آهي
گذريل سال ٽرانسپورٽ کاتي ۾ ڀرتي ٿيل 16هين گريڊ جي 19 موٽروهيڪل انسپيڪٽرن پاران 28 مارچ 2023ع تي جوائننگ ڏيڻ بعد کين سنڌ پوليس پاران رڳو فٽنيس سرٽيفڪيٽ، روڊ حادثن جي رپورٽ ۽ ڪنڊمنيشن سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ وارا اختيار منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪمرشل ڊرائيونگ لائسنس يعني ايل ٽي وي ۽ ايڇ ٽي وي لائسنس جاري ڪرڻ لاءِ اميدوارن کان ڊرائيونگ ٽيسٽ وٺڻ وارو اختيار هن وقت تائين ٽرانسپورٽ کاتي حوالي ڪرڻ بجاءِ سنڌ پوليس پاڻ وٽ ئي رکي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته 31 جنوري 2020ع تي تڏهوڪي ٽرانسپورٽ کاتي جي سيڪريٽري پاران جاري ڪيل موٽروهيڪل انسپيڪٽرن جي ذميوارين بابت جاري ڪيل سرڪيولر ۾ پڻ واضح ڄاڻايو ويو هو ته ڪمرشل ڊرائينگ لائسنس جاري ڪرڻ لاءِ اميدوارن کان ڊرائيونگ ٽيسٽ وٺڻ ٽرانسپورٽ کاتي جي موٽروهيڪل انسپيڪٽرن جو اختيار آهي، پر ان باوجود هن وقت تائين سنڌ پوليس پاران ٽرانسپورٽ کاتي جا اختيار استعمال ڪيا پيا وڃن. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي کاتي پاران به ڪمرشل ڊرائيونگ لائسنس لاءِ ڊرائيونگ ٽيسٽ وٺڻ وارو اختيار به سنڌ پوليس وٽ هجڻ واري معاملي تي اعتراض واريا ويا هئا پر ناڻي کاتي جي اعتراضن باوجود سنڌ پوليس پاران اهڙو اختيار ٽرانسپورٽ کاتي حوالي نه ڪيو ويو آهي
سنڌ ۾ ڊرائيونگ لائسنس جون 12 برانچون: انسپيڪٽر انچارج مقرر ٿيل
سنڌ ۾ ڊرائيونگ لائسنس جون 12 مين برانچون قائم ٿيل، سنڌ پوليس جا انسپيڪٽر انچارج مقرر ٿيل، جڏهن ته ضلعي سطح تي سکيا جي مرحلي وارا لائسنس جاري ڪرڻ وارا ننڍن سينٽرن تي پوليس اهلڪارن ۽ جمعدارن توڙي اسسٽنٽ سب انسپيڪٽرن کي انچارج مقرر ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ ۾ ڪراچي سميت ٻين ڊويزنن ۾ مجموعي طور تي 12 مين ڊرائيونگ لائسنس برانچون قائم ٿيل آهن، جن مان رڳو ڪراچي ۾ سعيد آباد، ملير، ڪلفٽن، ڪورنگي، ناظم آباد سميت 7 ۽ نوابشاھ، سکر، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص توڙي لاڙڪاڻي ۾ هڪ هڪ ڊرائيونگ لائسنس جاري ٿيڻ واريون مين برانچون قائم ٿيل آهن، جن ۾ سنڌ پوليس جا انسپيڪٽڙ سطح جا آفيسر انچارج مقرر ٿيل آهن، اهڙي طرح ضلعي سطح وارا ننڍا ڊرائينسگ لائسنس سينٽڙ به قائم ٿيل آهن جتي رڳو لرننگ لائسنس ٺاهيا ويندا آهن، جن تي وري اهلڪار، جمعدار ۽ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽرن کي انراچ طور مقرر ڪيو ويندو آهي
ڪمرشل ڊرائيونگ لائسنس لاءِ ڊرائيونگ ۽ اڪيڊمڪ ٽيسٽ لازمي قرار ڏنل
ڪمرشل ڊرائيونگ لائسنس لاءِ ڊرائيونگ ٽيسٽ ۽ اڪيڊمڪ ٽيسٽ لازمي قرار ڏنل آهن. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته ڪمرشل ڊرائيونگ لائنسن لاءِ ڊرائيونگ ٽيسٽ لاءِ 60 ۽ اڪيڊمڪ ٽيسٽ لاءِ 40 مارڪن وارن اميدوارن کي اهل قرار ڏنو ويندو آهي. جڏهن ته اڪيڊمڪ ٽيسٽ پوليس جي اختيار ۾ آهي ۽ ڊرائيونگ ٽيسٽ جو اختيار ٽرانسپورٽ کاتي جي موٽروهيڪل انسپيڪٽر جو اختيار آهي