سنڌ پوليس کي ھاڻي بااثرن ۽ وڏيرن جي صفن مان نڪري پنھنجو ڪم ڪرڻ گھرجي: عدالت

آگسٽ 22, 2024

حيدرآباد (رپورٽ.منير راڄڙ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سمورن ضلعن ۾ پوليس جي جاچ آفيسرن کي قتل ڪيسن جي جاچ ۾ ڄاڻ ڏيڻ لاءِ مھم ھلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اهڙو حڪم سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ جسٽس ذوالفقار علي سانگي تي مشتمل ڊويزنل بينچ ناري جي قتل ڪيس ۾ جوابدار اورنگزيب قريشي جي ضمانت واري درخواست تي ٿيل ٻڌڻي ۾ ڏنو آهي. ٻڌڻي جي موقعي تي عدالت ۾ آءِ جي سنڌ پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، ايس ايس پي ڊاڪٽر فرخ علي لنجار سميت ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز پيش ٿيا، جن کان عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇا اوھان جاچ آفيسرن پاران جاچ جو طريقيڪار ۽ مڪينزم عدالت ۾ آندو آھي؟ ھن وقت تائين پوليس کاتي جاچ ۾ ڪھڙيون تبديليون آنديون آھن جنهن تي ڊي آءِ جي جواب ڏيندي چيو ته اسان جاچ جي طريقيڪار کي بھتر ڪرڻ جي اڃا وڌيڪ ڪوشش ڪريون پيا. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته سنڌ ۾ ماڻھو قتل پيا ٿين، ھڪ ڪيس جا 20 کان 30 جاچ آفيسر تبديل پيا ٿين جن کي جاچ جي ڪنھن به طريقيڪار ۽ مڪينزم جي خبر به ناھي، پوليس جو جوابدارن کي بچائڻ لاءِ ڪيڏو وڏو ڪردار آھي. پوليس جو ھاڻي اھو ڪم بچو آھي جو سڀ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا جاچ آفيسر به ھاڻي آءِ جي آفيس رپورٽ ٿيل آھن. عدالتن ۾ جيڪي به جاچ آفيسر پھچن ٿا سڀ سست ۽ چون ٿا وڌيڪ جاچ ڪنداسين ته شوڪاز ملن ٿا، معطل ڪيو وڃي ٿو، پوري رينج ۾ ڪيترا جاچ آفيسر آھن؟ اسان ھاڻي مستقبل ۾ بھترين مڪينزم جوڙينداسين ته جيئن قتل ڪيس ۾ جاچ جو مرحلو خراب نه ٿئي، سنڌ پوليس کي ھاڻي بااثرن ۽ وڏيرن جي صفن مان نڪري پنھنجي ڊپارٽمينٽ ۾ حقيقت ۾ ڪم ڪرڻ گھرجي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪندي 10 سيپٽمبر تائين سمورو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ جوابدار جي وڪيل غلام الله چانگ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي واسڻ ايمن قريشي اورنگزيب سان شادي ڪئي ھئي جنهن جي مڙس اهو بيان ڏنو ته ناري ايمن قريشي کي دل جو دورو پئجي ويو، کيس اسپتال کڻائي ويا جتي هو فوت ٿي وئي جنهن تي اسان ناري جي فوت ٿيڻ بعد والدين کي اطلاع ڪيو ويو. والدين 4 ڏينھن کانپوءِ 302 جو ڪيس داخل ڪرايو. هن چيو ته ناري جي قبرڪشائي پڻ ڪئي وئي پر ميڊيڪل رپورٽن ۾ فوت ٿيڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو، ان باوجود جوابدار ۽ ان جي ماءُ کي چالان ڪيو ويو. ضمانت جي درخواست داخل ڪئي پر تنهن هوندي به مڙس کي ضمانت نه ملي. ھاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي عدالت آءِ جي سنڌ کي حڪم ڪيو ته انھن ڪيسن ۾ جيڪڏھن ائين جاچ ڪندا ته بيگناھ ماڻھو سزا کائيندا ان ڪري آءِ جي کي حڪم ڪيو ويو ته ڪورٽ ۾ حاضر ٿي معلومات ڏيو ته توھان ڪھڙي حساب سان ڪيس چالان ڪيو آھي ۽ توھان جي جاچ جي ڇا صورتحال آھي.

Leave A Comment