سنڌ پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن لاءِ ڊجيٽل سروس ڪارڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو
جُون 7, 2024
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن لاءِ ڊجيٽل سروس ڪارڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ، ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ نوان پوليس سروس ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ ان حوالي سان ٻين معاملن بابت بريفنگ ڏني. سندس چوڻ هو ته هڪ لک 40 هزار پوليس اهلڪارن جا نوان پوليس سروس ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ ٽينڊر جاري ڪيا ويا آهن، ڪارڊ جي ڊزائين، رنگ ۽ ان ۾ ضروري معلومات لکڻ بابت به حتمي فيصلو ٿي ويو آهي. اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ هدايت ڪئي ته سمورن آفيسرن ۽ اهلڪارن جا پوليس سروس ڪارڊ هڪجهڙا هئڻ گهرجن، پوليس سروس ڪارڊ ۾ ٽريڪنگ ۽ ٻي ضروري معلومات بابت جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي، انهن ڪارڊن سان پوليس آفيسرن ۽ جوانن جي سڃاڻپ آساني سان ٿي سگهندي، سروس ڪارڊن جي ڊيٽا کي ڊجيٽلائزڊ ڪيو وڃي، ون ونڊو آپريشن تحت پوليس سروس ڪارڊ جاري ڪرڻ کي آسان بڻايو وڃي، نادرا جي طرز تي معذور پوليس ملازمن لاءِ پوليس سروس ڪارڊ ۾ الڳ نشان لڳايو وڃي