سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان لاءِ عمر جي حد ۾ 2 سالن جي رعايت ڏني وڃي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڌرين کي نوٽيس جاري
اپريل 29, 2024
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان لاءِ عمر جي حد ۾ 2 سالن جي رعايت ڏني وڃي: پي ايس سي امتحان ملتوي ٿيڻ سبب متاثر ٿيندڙ اميدوارن جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڌرين کي نوٽيس جاري، ايندڙ ٻڌڻيءَ تي جواب طلب، چيف جسٽس عقيل احمد عباسي امتحان لاءِ عمر جي حد ۾ رعايت ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي هلائي، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن امتحانن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ بعد اوچتو ملتوي ڪيا وڃن ها ته عدالت مداخلت ڪري ها، ٻن سالن تائين امتحانن جو اعلان ئي نه ڪيو ويو آهي ته عمر جي حد ۾ رعايت ڪيئن ٿي ڏئي سگهجي؟ درخواست گذار چاند بي بي جي وڪيل چيو ته عدالت ايس پي ايس سي کي هر سال امتحان وٺڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالتي حڪم باوجود هر سال امتحان نه پيو ورتو وڃي، آخري ڀيرو امتحان 2021 ۾ ورتو ويو هو، 2022 ۾ به امتحان نه ورتو ويو، اميدوارن پنهنجي تياري جاري رکي، 2023 ۾ امتحان لاءِ عمر جي حد 30 سال مقرر ڪئي وئي، 2022 ۾ تياري ڪندڙ اميدوارن کي عمر جو سبب ڄاڻائي امتحان ۾ ويهڻ نه ڏنو ويو، انهن اميدوارن کي عمر جي حد ۾ 2 سال رعايت ڏني وڃي