سنڌسيڪريٽريٽ لفٽ اسڪينڊل: 27 ڪروڙ ايڊوانس جاري ڪرڻ جو انڪشاف: ايس اي برطرف
جُولاءِ 24, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي)سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ 14 لفٽن جي خريداري وارو معاملو، سول اينڊ اليڪٽرڪ ورڪس ڪمپني کي 12 لفٽن جي خريداري لاءِ اڳواٽ 27 ڪروڙ 2 لک رپيا جاري ڪرڻ جو انڪشاف
چيف سيڪريٽري پاران ڪرايل انڪوائري ۾ لفٽن جي خريداري ۾ اڳواٽ رقم جاري ٿيڻ ۽ لفٽون نه اچڻ وارو معاملو ثابت ٿيڻ تي سپرنٽينڊنگ انجنيئر تنوير ڪلوڙ برطرف، وڏي وزير جي منظوري بعد ايس اِي کي برطرف ڪرڻ جو چيف سيڪريٽري آرڊر جاري ڪري ڇڏيو
ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ سرڪار سنڌ سيڪريٽريٽ لاءِ 14 لفٽون خريد ڪرڻ توڙي لڳائڻ واري اسڪينڊل جي مُک ڪردار ورڪس کاتي جي سپرنٽينڊنگ انجنيئر تنوير ڪلوڙ کي آخرڪار برطرف ڪري ڇڏيو آهي
ان ڏس ۾ چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاھ پاران جاري ڪيل آرڊر موجب ته ورڪس کاتي جي ايس اِي تنوير ڪلوڙ صوبائي بلڊنگ ڊويزن ٽو ڪراچي ۾ ايڪسين طور مقرري دوران سنڌ سيڪريٽريٽ لاءِ 14 لفٽون خريد ڪرڻ جا 2 ٺيڪا ڏنا هئا، پاڪستان سول اينڊ اليڪٽرڪ ورڪس نالي واري ڪمپني کي 19 آگسٽ 2022 تي 10 پيسينجر ۽ 2 ڪارگو لفٽون لڳائڻ جو ٺيڪو ڏنو ويو هو
جڏهن ته سيپٽمبر 2023ع ۾ وري ماس هولڊنگس ڪمپني کي وري وڌيڪ 2 لفٽون لڳائڻ جي ذميواري سونپي وئي، ماس هولڊنگ ڪمپني ته پنهنجون 2 لفٽون لڳائي ڇڏيون، جڏهن ته 27 ڪروڙ 2 لک 70 هزار روپيا ايڊوانس وٺندڙ سول اينڊ اليڪٽرڪ ورڪس هڪ به لفٽ نه لڳائي سگھي، ٻئي طرف ايس اِي تنوير ڪلوڙ چيف سيڪريٽري پاران ڪرايل انڪوائري آڏو ڏنل بيان ۾ چيو هو ته ڄاڻايل لفٽون چين کان اچڻيون هيون
وفاقي سرڪار پاران امپورٽس تي پابندي سبب اهي لفٽون ڏيهه پهچي نه سگھيون، جنهن ڪري انهن کي لڳائڻ ۾ دير ٿي وئي، ورڪس کاتي پاران ايس اِي تنوير ڪلوڙ کي شوڪاز نوٽيس ڏيڻ سان گڏ چيف انجنيئر بلڊنگس ڪراچي ذريعي جاچ ڪرائي وئي، جنهن ۾ اهو ظاهر ٿيو ته تنوير ڪلوڙ لفٽون پهچڻ ۽ لڳڻ کان اڳ ٺيڪيدار ڪمپني کي سموري رقم جي ايڊوانس ۾ ادائگي ڪري ڇڏي هئي
ورڪس کاتي موجب تنوير ڪلوڙ ايڊوانس ادائگي بابت ڪا به وضاحت نه ڏئي سگھيو، جنهن بعد وڏي وزير جي منظوري سان کيس نوڪري تان برطرف ڪيو ويو آهي
واضح رهي ته ڄاڻايل معاملي جون ”پنهنجي اخبار“ ۾ خبرون شايع ٿيڻ بعد چيف سيڪريٽري ۽ وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم پاران الڳ الڳ انڪوائريون ڪرايون ويون هيونچيف سيڪريٽري پاران ڪرايل انڪوائري ۾ ڄاڻايل معاملو ثابت ٿيڻ بعد سپرنٽينڊنگ انجنيئر تنوير ڪلوڙ کي برطرف ڪيو ويو
ڪوريا بجاءِ چين مان آيل لفٽون لڳائڻ ۾ مسئلا پيدا ٿي ويا
ڪراچي: لفٽون ڪوريا کان اچڻيون هيون پر چين کان گھرايون ويون! نئون معاملو به سامهون اچي ويو، چين کان آيل لفٽن جي انسٽاليشن ۾ مسئلو پيدا ٿي ويو، مامري جي نئين سِر کاتيوار انڪوائري شروع ٿي وئي آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ لفٽن جي خريداري واري اسڪينڊل ۾ هڪ نئون معاملو به سامهون اچي ويو آهي. ذريعن موجب ڄاڻايل لفٽون ڪوريا کان اچڻيون هيون پر اهي وري چين کان گھرايون ويون. ورڪس کاتي جي اليڪٽرڪ شعبي جي ٽيڪنيڪل اختيارين پاران انهي معاملي جي الڳ جاچ ڪئي پئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته چين کان آيل لفٽون انسٽاليشن ۾ پڻ مسئلا پيدا ڪري رهيون آهن
سنڌ سيڪريٽريٽ جي 7 ماڙ نيو بلڊنگ جون 2 لفٽون به خراب پيل !
ڪراچي: سنڌ سيڪريٽريٽ جي نيو بلڊنگ ۾ چيف سيڪريٽري سميت سيڪريٽري صحت، سيڪريٽري سروسز، سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن، سيڪريٽري خوراڪ، سيڪريٽري عملدرآمد، سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز جون آفيسون هجڻ باوجود 2 لفٽون ڪيترن ئي ڏينهن کان خراب پيل آهن. جنهن ڪري ڪامورن ۽ سائلن کي 7 ماڙ عمارت چڙهڻ ۾ سخت تڪليف پيش اچي رهي آهي