سنڌ جي درخواست رد: ارسا پاڻي ڇوڙ وڌائي ڇڏيو: سکر بيراج جا دروازا تبديل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون

جُون 25, 2024

سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري/فاروق سومرو) ارسا جي هوڏ سکر بئراج جا گيٽس تبديل ڪرڻ واري ڪم کي وڌيڪ ڏکيو بڻائي ڇڏيو، پاڪستاني ۽ چيني انجنيئرز کي پاڻيءَ جا وهڪرا وڌڻ سبب ڪم ۾ سخت ڏکيائيون پيش اچڻ لڳيون. تفصيل موجب آبپاشي کاتي سنڌ جي درخواست باوجود ارسا پاڻي وهڪرا گهٽائڻ بدران وڌائي ڇڏيا، 24 ڪلاڪن دوران بئراج وٽ پاڻي وهڪرن ۾ 17 هزار 855 ڪيوسڪس واڌ رڪارڊ، وهڪرن ۾ واڌ کانپوءِ سکر بئراج جي مختلف واهن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جو مقدار به وڌايو ويو، آبپاشي کاتي جي ذريعن موجب پاڻيءَ جا واڌو وهڪرا سکر بئراج طرف وڌي رهيا آهن، بئراج جي دروازن جي بحاليءَ جو ڪم جلد پورو نه ڪيو ويو ته وڌيڪ مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون، ٻئي طرف آبپاشي کاتي پاران ٽيون ڀيرو حڪمت عملي تبديل ڪئي وئي آھي. معلوم ٿيو آهي ته ڪيسن گيٽ سکر بيراج تي پهچي ئي ناهي سگهيو، ان ڪري انتظاميا جون ڳالهيون هوائي ثابت ٿيون آھن. بيراج جا چيني انجنيئر گڏجي رڳو چوئتاليهون دروازو ٺيڪ ڪري رهيا آھن. ٽيون ڀيرو تبديل ٿيل حڪمت عملي موجب هاڻ ستيتالهين دروازي جي لهواري پاسي پهريان ڪافر ڊيم جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ 21 جون تي آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري پاران در تبديل ڪرڻ لاءِ چيو هو ۽ پوءِ ان تان هٿ کڻي 23 جون تي وري پهريائين ڪيسن گيٽ هڻڻ جو چيو ويو ۽ ان بعد ان جي لهواري پاسي ڪافر ڊيم ٺاهڻ جو چيو هو پر هاڻي ڪافر ڊيم اڳ ۾ ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب ان جو ڪارڻ ڪيسن گيٽ جو پهچي نه سگهڻ آهي. ذريعن موجب هاڻي ٻه کان ٽي ڏينهن پاڻي وهڪرن جي واڌ سبب ڪم جي رفتار به متاثر ٿيندي ڇاڪاڻ ته سکر بيراج ۽ گڊو بيراج جا مٿاهان وهڪرا وڌي ويا آھن، سکر بيراج جو مٿاهون وهڪرو ڪالهه صبح جو وڌي 112905 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو ايئن اتي ٻارنهن ڪلاڪن ۾ ارڙهن هزار ڪيوسڪ پاڻي وڌي ويو هو، گڊو وٽ به واڌ بعد پاڻي هڪ لک 62927 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو ۽ اتان سکر بيراج واري پاسي هڪ لک 27027 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو. سڀاڻي کان گڊو وٽ لاٿ جا امڪان ته آھن پر سکر وٽ اڄ اڱاري تي اڃان به ڪجهه هزار ڪيوسڪ پاڻي وڌندو، ٻئي پاسي پنجاب جي چشما ۽ تونسا بيراجن وٽان سنڌ ڏانهن ڪالهه وهڪرا وڌيڪ گهٽ ڪيا ويا. ذريعن موجب جيڪڏهن سکر بيراج تي ڪم جنگي بنيادن تي نه ٿيو ته پوءِ پاڻي جي امڪاني وڌيڪ وهڪرن سبب ڪم ڏکيو ٿيندو. ڪالهه به سکر بيراج جي ڪينالن ڏانهن رڳو 26355 ڪيوسڪ پاڻي وڃي سگهيو جڏهن ته گهرج 60700 ڪيوسڪ آهي. نارا ڪينال ۾ وڌ ۾ وڌ 11900 ڪيوسڪ ۽ روهڙي ڪينال ۾ 7000  ۽ رائيس ڪينال ۾ 5050 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته کير ٿر ۾ 600، دادو ۾ 400، خيرپور ايسٽ 750 ۽ خيرپور ويسٽ ۾ 600 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ٿي سگهيو آهي.

ايوان زراعت سکر بئراج گيٽ لڙهڻ جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪاميٽي رد ڪري ڇڏي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايوان زراعت سنڌ سکر بئراج جي غير معمولي صورتحال بابت آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري کي خط لکي پنهنجي خدشن جو اظھار ڪندي زراعت کاتي جي سيڪريٽري پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي کي رد ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر سيد ميران محمد شاھ پاران سيڪريٽري آبپاشي ظريف احمد کيڙو کي لکيل خط ۾ ڄاڻايو ته سکر بئراج سنڌ جي ڪروڙين ماڻھن جو جيئاپو آھي، ايوان زراعت سنڌ کي سکر بئراج جي 47ھين اھم دروازي جي لڙھي وڃڻ ۽ 44ھين در کي جزوي نقصان پھچن تي سخت ڳڻتي ۽ خدشو آھي ته بئراج جو در ڪيئن لڙھي ويو جنھن سان سنڌ جي زراعت تي انتھائي منفي اثر پوڻ جا خدشا آهن. سکر بئراج جو 47 ھون در لڙھي وڃڻ انتھائي غير معمولي واقعو آھي جنهن ڪري هو واقعي جي جاچ لاءِ سيڪريٽري زراعت پاران جوڙيل ڪميٽي کي رد ڪن ٿا. خط ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته آبادگارن کان واقعي بابت شيون لڪايون نه وڃن ۽ نه ئي کين اوندھ ۾ رکيو وڃي. ايوان زراعت سيڪريٽري آبپاشي تي زور ڀريو ته فوري طور تي سنڌ جي سمورن اسٽيڪ ھولڊرز ۽ رٽائرڊ توڙي حاضر سروس پاڻي ماھرن سميت سمورين رجسٽرڊ آبادگار تنظيمن جو اجلاس سڏائي کين سکر بئراج بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي ڇاڪاڻ ته ايڏو وڏو واقعو ٿيڻ باوجود اڃا تائين ڪنھن به اسٽيڪ ھولڊر کي گھرائي بئراج بابت نه ئي بريفنگ ڏني وئي آھي ۽ نه وري آبادگارن کي اعتماد ۾ ورتو ويو آھي ان ڪري پاڻي ماھرن ۽ آبادگار تنظيمن جو اجلاس سڏائي سکر بئراج کي پهتل نقصان بابت کين آگاهي ڏني وڃي. خط ۾ اهو به لکيو ويو آهي ته آبڪلاڻي جي مند ۾ بئراج جو مرمتي ڪم ٿيو يا نه ٿيو ۽ بئراج جو در لڙھڻ غير معمولي واقعي ۾ ڪھڙا نااھل عملدار ۽ عملو ملوث آھي انھن جو تعين ڪري کين سزا ڏني وڃي. ايوان زراعت سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته سکر بئراج جو 47 ھون در لڙھڻ واري غير معمولي واقعي ۽ گيٽ نمبر 44 ھين کي جزوي نقصان پھچڻ جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي  لاپرواھي ۾ ملوث آبپاشي کاتي جي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ سان گڏ بئراج جي 47ھين در تي ڪاپر جو بند ٻڌي فوري طور تي سنڌ جو پاڻي بحال ڪيو وڃي.

وڏو وزير سکر بئراج پهچي ويو: گيٽن جي بحالي واري ڪم جو معائنو

سکر: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر بئراج جو دورو ڪيو. صوبائي وزير آبپاشي متاثر گيٽن ۽ بحالي واري ڪم جي حوالي سان وڏي وزير کي بريفنگ ڏني. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سکر بئراج جي دوري تي پهتو. وڏي وزير سان گڏ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاهه، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ضياءَ الحسن لنجار، ڄام خان شورو ۽ ٻيا موجود هئا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو ۽ سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو پاران بئراج جي متاثر گيٽن ۽ انهن جي هلندڙ بحالي جي ڪمن متعلق تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. سنڌ جي وڏي وزير ڪيسن گيٽ، ڪافر ڊيم اڏڻ واري ڪم جو به معائنو ڪيو. ان سان گڏ ماهر انجنيئرن سان به ملاقات ڪري آگاهي ورتي.

Leave A Comment