وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم فيصلا

مَي 30, 2024

سنڌ ڪابينا سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ڇانوڻي بورڊ جي علائقن مان پراپرٽي ٽيڪس اوڳاڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪابينا جي فيصلي موجب ڪنٽونمينٽ بورڊ پنهنجي طريقي سان پراپرٽي ٽيڪس جي اوڳاڙي ڪندو، ڇانوڻي بورڊ ٽيڪس اوڳاڙڻ بعد 2 سيڪڙو سروس چارجز رکي باقي سنڌ حڪومت حوالي ڪندو، سنڌ ڪابينا پاران اسٽيل ملز جي بحالي ۽ خالي ايراضي تي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون قائم ڪرڻ جو به فيصلو، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اسان اسٽيل مل کي نجڪاري کان بچايو آهي، سنڌ ڪابينا پاران گرين ڪارپوريٽ انيشيئيٽو سان نجي شراڪت جي پراجيڪٽ تي به غور ڪيو ويو، ڪابينا کي آگاهي ڏني وئي ته گرين ڪارپوريٽ سنڌ ۾ ڪارپوريٽ ايگريڪلچر فارمنگ ڪرڻ چاهي ٿي، ڪارپوريٽ فارمنگ سان صوبي ۾ سيڙپڪاري ايندي، گرين ڪارپوريٽ سنڌ جي 6 ضلعن ۾ 52 هزار ايڪڙ زمين تي ڪارپوريٽ فارمنگ جو پراجيڪٽ شروع ڪرڻ چاهي ٿي، سنڌ ڪابينا تجويز تي غور ويچار لاءِ سب ڪميٽي جوڙي ڇڏي، سنڌ ڪابينا اوٻاوڙو لاءِ سب ڪميٽي جي سفارش تي 228 پرائمري استادن جون جايون پيدا ڪرڻ جي منظوري به ڏني، نئين پيدا ڪيل پي ايس ٽي ملازمتن ۾ 178 جايون مردن ۽ 50 عورتن لاءِ هونديون، صوبائي ڪابينا سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ لاءِ 9 ڏهائي 6 ارب روپين جي منظوري به ڏئي ڇڏي، سنڌ ڪابينا وليج سڪرنڊ کوسو جو 2 ڪلوميٽر روڊ ٺاهڻ لاءِ 60 ملين روپين جي منظوري به ڏني، صوبائي ڪابينا سنڌ بزنس ون اسٽاپ ون شاپ سسٽم جي منظوري به ڏئي ڇڏي

Leave A Comment