سنڌ جي هر ضلعي ۾”سنڌي ٻولي سکيا مرڪز“ قائم ڪرڻ جو فيصلو
جُولاءِ 24, 2024
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران تعليم کاتي جي سھڪار سان سنڌ جي هر ضلعي ۾ ”سنڌي ٻولي سکيا مرڪز“ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو
سنڌ جي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي سميت مختلف مضمونن جي تدريس جو عمل ۽ معيار چڪاسڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪاميٽي پڻ قائم ٿيندي. اهڙو فيصلو سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي درخواست تي ڪراچي ۾ سڏايل هڪ گڏجاڻي ۾ ڪيو ويو جنهن جي صدارت سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ڪئي
گڏجاڻي ۾ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجي، اسٽيڊا جي ڊائريڪٽر سيد رسول بخش شاهه ۽ پرائيويٽ اسڪولن جي ڊائريڪٽوريٽ جي سربراهه رفيعه ملاح شرڪت ڪئي
گڏجاڻي ۾ فيصلو ٿيو ته سنڌيءَ وانگي اردو ٻوليءَ جي معياري تدريس لاءِ پڻ اردو ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن کان مدد ورتي ويندي. خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ سميت مختلف مضمونن جو تعليمي معيار چڪاسڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ٿيندي جيڪا اسڪولن جي مانيٽرنگ سميت انهن اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ پڙهائيندڙ استادن جي مسئلن جو پڻ جائزو وٺندي.