سنڌ جا 36203 پرائمري اسڪول اپ گريڊ ڪرڻ ۽ استادن جو به ٽيچنگ امتحان وٺڻ جو حڪم

آگسٽ 2, 2024

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه تعليم کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته 14 آگسٽ تائين 4453686  درسي ڪتابن جي ورڇ يقيني بڻائي، تدريس ۽ سکيا جي عمل جي نگراني لاءِ اسڪول انسپيڪشن سسٽم ٻيهر فعال ڪري، تعليم جو معيار بهتر ڪيو وڃي، سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا کي وڌايو وڃي، ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ تعليم کاتي بابت ٿيل     اجلاس ۾ تعليم واري وزير سردار شاهه بريفنگ ڏيندي چيو ته صوبي ۾ جملي 40991 اسڪول آهن، جن ۾ 36203 پرائمري، 15575 مڊل ، 1051 ايليمينٽري، 1670 سيڪنڊري ۽ 492 هائير سيڪنڊري اسڪول آهن. هن چيو ته صوبي ۾ جملي 160473 استاد آهن، جن ۾ 107550 ماستر ۽ 53051 ماسترياڻيون آهن، هن چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ ڪل انرولمينٽ ( داخلا)  5236307 آهي، جن ۾ 3081696 شاگرد ۽ 2154611 شاگردياڻيون شامل آهن، اهڙي بريفنگ تي ريمارڪس ڏيندي وڏي وزير چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ استاد ۽ شاگردن جو تناسب 1:32 بهتر آهي، هن چيو ته اڪثر استادن ۾ ڪميونيڪيشن ۽ تدريسي صلاحيتن جي کوٽ وارو وڏو مسئلو رهيو آهي، اجلاس ۾ تجويز ڏني وئي ته استادن کي پنهنجي تدريسي ڪيريئر کي جاري رکڻ لاءِ هر پنجن سالن بعد ٽيچنگ امتحان پاس ڪرڻو پوندو. وڏي وزير مراد شاهه تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته انسپيڪشن سسٽم ٻيهر متعارف ڪرائي تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. هن آفيسرن کي اسڪولن جو دورو ڪرڻ، تدريس ۽ سکيا جي طريقيڪار جي جاچ ڪرڻ ۽ انسپيڪشن رپورٽ جمع ڪرائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن ڪنهن به خامي کي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ استادن کي سٺيون پگهارون ملن ٿيون، استاد هاڻ تدريس جي معيار تي ڌيان ڏين ۽ شاگردن جي مستقبل کي سنوارين. ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين  عبد العليم لاشاري اجلاس کي ٻڌايو ته هيل 25-2024 ۾ درسي ڪتابن جا 4453686 سيٽ ڇپرايا ويا آهن. جيڪي ساڍا 44لک شاگردن لا3 ڪافي آهن،  وڏي وزير تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته اهو درسي ڪتابن جي ورڇ جو عمل 14 آگسٽ تائين مڪمل ڪري ته جيئن شاگردن کي تعليمي سيشن شروع ٿيڻ تائين نصابي ڪتابن سيٽ ملي سگهن. اجلاس کي تعليم واري وزير ٻڌايو ته 36203 پرائمري اسڪولن کي اپگريڊ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. تعليم کاتو هن وقت تائين 1239 پرائمري اسڪولن کي سيڪنڊري اسڪولن ۾ تبديل ڪري چڪو آهي. جنهن  تي وڏي وزير هدايت ڪئي ته سمورن پرائمري اسڪولن (36203) کي ايليمينٽري سطح تائين اپ گريڊ ڪيو وڃي ته جيئن اسڪول ڇڏيندڙ شاگردن جو انگ گهٽائي سگهجي. خانگي اسڪولن ۾ 10 سيڪڙو شاگردن کي مفت تعليم  ڏيڻ  بابت وزير تعليم ٻڌايو ته پرائيويٽ اسڪولن ۾ 10 سيڪڙو ٻارن کي مفت تعليم ڏيڻ واري نظام تي عملدرآمد لاءِ انسپيڪشن ڪاميٽيون جوڙيون آهن. ايڪٽ تي عمل نه ڪندڙ 50 کان وڌيڪ اسڪولن جي رجسٽريشن رد ڪئي وئي آهي يا انهن جي تجديد کي روڪيو ويو آهي. ڊائريڪٽوريٽ سطح تي شڪايتن جي ازالي لاءِ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي، اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊائريڪٽر جنرل کي به درخواست ڪئي آهي ته خانگي اسڪولن ۾ پڙهندڙ مستحق خاندانن جي ٻارن جي  ڊيٽا فراهم ڪئي وڃي، اسان سمورن خانگي اسڪولن کي اسڪول مينيجمينٽ ڪاميٽيون قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي. جنهن تي وڏي وزير تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته صوبي جي خانگي اسڪولن ۾ 10 سيڪڙو مفت تعليمي ڪوٽا جي دستيابي بابت عوامي آگاهي لاءِ سمورن ميڊيا پليٽ فارمن ۽ سوشل ميڊيا تي مهم هلائڻ سان گڏ صوبي جي خانگي اسڪولن کي خط پڻ جاري ڪيا وڃن،تعليم واري وزير ٻڌايو ته تعليم کاتي خانگي اسڪولن کي سنڌي ۽ اردو ٻولي جا مضمون پڙهائڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪري ڇڏيون آهن.

سنڌ ۾5159 اسڪول بنا عمارتن جي هلڻ جو اعتراف

ڪراچي: سنڌ ۾5159 اسڪول بنا عمارتن جي هلڻ جو اعتراف، تعليم واري وزير سردار شاهه اجلاس کي ٻڌايو ته 5159 اسڪول بنا عمارتن جي هلي رهيا آهن، انهن لاءِ عمارتون تعمير ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن تي وزيراعليٰ چيو ته عمارتن کان محروم اسڪولن جو ڪيس ڏسي رهيا آهيون، اي ڊي پي ۾ 282 اسڪولن جي عمارتن جي تعمير لاءِ فنڊ مختص ڪيا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پرڳڻي جي 19808 اسڪولن جي بحالي جي ضرورت آهي، جنهن تي وڏي وزير چيو ته اي ڊي پي ۾ 4206 اسڪولي عمارتن جي بحالي کي شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته تباهه ٿيل باقي اسڪولي عمارتن جي مرمت لاءِ ٽن سالن جو پلان تيار ڪيو ويو آهي.

15 آگسٽ کان اڳ کليل خانگي اسڪولن خلاف ڪارروائي ٿيندي: تعليم کاتي جي وارننگ

ڪراچي: سنڌ تعليم کاتي  پرڳڻي جي سمورن خانگي اسڪولن کي ٻيهر هدايت ڪئي آهي ته گرمي ۽ برساتن سبب ويڪيشن ۾ 14 آگسٽ تائين واڌ ڪئي وئي آهي، سمورا سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارا 15 آگسٽ تي کلندا، 15 آگسٽ کان اڳ کليل خانگي اسڪولن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

Leave A Comment