سنڌپبلڪ اڪائونٽس سوڌو 35 کاتن لاءِ اسٽينڊنگ ڪاميٽيون قائم: فريال گهرو کاتي لاءِ نامزد
جُون 11, 2024
ڪراچي: سنڌ اسيمبلي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي سميت 35 سرڪاري کاتن لاءِ اسٽينڊنگ ڪاميٽيون قائم ڪري ڇڏيون، سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري صوبائي وزير ضياالحسن لنجار اسٽينڊنگ ڪاميٽين لاءِ 11_11 ميمبرن جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن جي اجلاس پاران منظوري پڻ ڏني وئي. هاڻ ڪاميٽين جا ميمبر لاڳاپيل کاتن جي اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي چيئرمينن جي چونڊ ڪندا. پارلياماني معاملن واري صوبائي وزير ضياالحسن لنجار نالن جو اعلان ڪندي چيو ته زراعت کاتي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي لاءِ مڪيش ڪمار، تاج محمد ملاح، برهان چانڊيو، مخدوم فخر الزمان ۽ سجيلا لغاري، ڪوآپريٽو لاءِ فرزانه حميد ۽ هالار وساڻ سميت 11 ميمبرن، ، ثقافت کاتي لاءِ مظاهر امير، سڪندر خاتون، هير سوهو، ندا کهڙو، عبدالرئوف کوسو، ارباب امير امان الله سميت 11 ميمبر، ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن، اسڪول ايجوڪيشن ۽ اسپيشن ايجوڪيشن جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي لاءِ مليحه منظور، يوسف بلوچ، بلقيس مختيار ۽ ٻيا، فاريسٽ کاتي لاءِ ممتاز جکراڻي، عارف مهر، برهان چانڊيو سميت 11 ميمبر، ايڪسائيز کاتي ۾ انيل ڪمار، معيد انور، محمد فاروق سميت 11 ميمبر، ناڻي کاتي لاءِ تيمور ٽالپر، قاسم سومرو، حسن علي شاھ، نعيم کرل، هالار وساڻ، سعديه جاويد، خوراڪ کاتي لاءِ ممتاز چانديو، لياقت آسڪاڻي، يوسف بلوچ، سيما خرم، تنزيله امِ حبيبه، واجد حسين خان سميت 11 ميمبر، پرائمري ۽ سيڪنڊري هيلٿ لاءِ ڊاڪٽر سهراب سرڪي، ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي، فوزيه حميد، ريحان اڪرم ۽ گھرو کاتي بابت ڪاميٽي لاءِ فريال ٽالپر، سهيل انور سيال، بيرسٽر مجيب الحق، خرم سومرو ۽ ٻيا. مڪاني کاتي لاءِ شير محمد مغيري، برهان چانڊيو، معيد انور، بلال جدون سميت 11، اطلاعات کاتي لاءِ امداد پتافي، عادل الطاف انڙ، فرخ شاھ، ساجد علي، حسن علي شاھ، خرم ڪريم سومرو سميت 11 ميمبر، آءِ ٽي لاءِ طحه خان، مهيش ڪمار، محمد افتخار عالم سميت 11 ميمبر، آبپاشي، هيومن رائيٽس، صنعتن ۽ ورڪس سميت 35 کاتن جي اسٽينڊ ڪاميٽين لاءِ 11_11 ميمبر چونڊيا ويا آهن.