سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران پنوعاقل مان اغوا ٿيل ٻارڙي جي بازيابي بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب
مَي 17, 2024
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پنوعاقل مان اغوا ٿيل ٻارڙي محمد حسن آرائين جي بازيابي بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي، آءِ جي سنڌ کان ٻارڙي جي اغوا بعد ٽن ڏينهن تائين ڪيل ڪوششن جا تفصيل طلب، ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف جاري آپريشن جا تفصيل سي ايم سيڪريٽريٽ اماڻڻ جي هدايت، وڏي وزير ٽنڊو آدم جي راما پير مندر مان چوري واري واقعي جو نوٽيس به ورتو، آءِ جي سنڌ کي جوابدار گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان برآمد ڪرائڻ جي هدايت، وڏي وزير چيو ته مون واضح هدايتون ڏنيون آهن ته اقليتن خلاف ڪنهن به قسم جي زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي، وڏي وزير پاران ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ وڌيڪ ڏوهن وارن علائقن ۾ گشت وڌائڻ جو به حڪم