سنڌ جي ڪمائي تي ٻيا صوبا عياشيون پيا ڪن، وفاق ناانصافيون بند ڪري: اسيمبلي ۾ تقريرون

آگسٽ 20, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي توڙي مخالف ڌر ميمبرن وفاق کان سکر حيدرآباد موٽروي منصوبو مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پيپلز پارٽي ميمبرن وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته وفاقي سرڪار روڊ منصوبن، اين ايف سي سميت ٻيون ناانصافيون بند ڪري

ان حوالي سان ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ جي صدارت هيٺ اڌ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، اجلاس دوران پ پ ايم پي اي امداد پتافي پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته تازو سپر هاءِ وي تي پيش آيل حادثي سبب 8 انساني جانيون وڃائجي ويون آهن، وفاقي سرڪار روڊ منصوبن توڙي اين ايف سي ايوارڊ سميت سنڌ سان سموريون ناانصافيون بند ڪري

هن چيو ته سنڌ جي ڪمائي تي ٻين صوبن جا ماڻهو عياشون ڪري رهيا آهن، اجلاس ۾ ڳالهائيندي پبلڪ اڪائونٽس ڪيمٽي جي چيئرمين نثار احمد کهڙو چيو ته پي ٽي آءِ جي وفاقي سرڪار ساڍا ٽي سالن دوران حيدرآباد سکر موٽروي منصوبي تي ڪم روڪي ڇڏيو، ان تي ٻڌايو وڃي ته سنڌ جي ماڻهن سان اهڙو رويو ڇو رکيو ويو؟

اجلاس دوران ايم ڪيو ايم ميمبرن به پيپلز پارتي جي ايم پي اي امداد پتافي جي مطالبي جي حمايت ڪندي چيو ته حيدرآباد سکر موٽروي کي جلد تعمير ڪيو وڃي. اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته تازو جاري سنڌ ۾ برساتن سبب سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ وڏو نقصان ٿيو آهي ان ڪري هڪ هفتي لاءِ اجلاس ملتوي ڪيو وڃي جيئن چونڊيل نمائندا پنهنجن تڪن ۾ وڃي عوام جي پرگهور لهن. جنهن بعد اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ 27 آگسٽ تائين سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو

Leave A Comment