ننڍي چونڊ ۾ ن ليگ ڪامياب، پنجاب ۾ اپ سيٽ، پي ٽي آءِ صدر پرويز الاهي گهر ۾ هارائي ويو، پٽ مونس کي به شڪست
اپريل 22, 2024
ڪراچي/ لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ننڍي چونڊ ۾ مسلم ليگ ن واضح برتري حاصل ڪري ورتي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب لاهور، شيخوپوره، تلا گنگ، نارووال، ڀڪر، ڊيرا غازي خان ۾ پنهنجي خالي ڪيل سيٽن تي ن ليگ جا اميدوار ڪجهه جاين تي ڪامياب ٿي ويا ۽ باقي تي به واضح برتري حاصل ڪري وتي. ان ڏس ۾ ضمني چونڊ جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب پي ٽي آءِ جو نائب صدر چوڌري پرويز الاهي ضمني چونڊن ۾ پنهنجي اباڻي تڪ تان هارائي ويو آهي. ان ڏس ۾ پي پي 32 گجرات جي 168 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري غير حتمي نتيجي مطابق پي پي 32 گجرات مان مسلم ليگ ق جو موسيٰ الاهي 63536 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. پرويز الاهي18327 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. هوڏانهن پي ڪي 91 ڪوهاٽ جي 168 پولنگن جي نتيجن موجب سني اتحاد جو دائود شاهه 22 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، آزاد اميدوار امتياز شاهد 11 هزار 772 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو ، جڏهن ته اين اي 119 لاهور جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب مسلم ليگ ن جي علي پرويز 61 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي سني اتحاد جي شهزاد فاروق 34 هزار ۽ ڪجهه ووٽ کنيا. ٻئي پاسي پي پي 139 شيخوپورا تي ن ليگ جو اميدوار رانا افضال 48 هزار 347 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، سني اتحاد جو اعجاز حسين 29 هزار 823 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. سنڌ جي تڪ اين اي 196 شهداد ڪوٽ تي غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پيپلزپارٽي جو اميدوار خورشيد احمد جوڻيجو303 مان 277 پولنگ اسٽيشنز تي 91581 ووٽ کڻي پهرين ۽ ٽي ايل پي جي اميدوار محمد علي پنھور 2763 ووٽ کڻي ٻئي نمبر رهيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران قومي تڪ اين اي 196 جي سيٽ خالي ڪرڻ بعد ننڍي چونڊ ٿي هئي. اين اي 44 ڊيرا اسماعيل خان مان سني اتحاد ڪائونسل جو فيصل امين ڪامياب ٿي ويو. پ پ جو رشيد خان 9 هزا 533 ووٽ کڻي هارائي ويو. فيصل امين خيبر پختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو ڀاءُ آهي. پي پي 93 ڀڪر جي سمورين 154 پولنگن جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب ن ليگ جو سعيد اڪبر خان نوراني 63 هزار 21 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته آزاد اميدوار محمد افضل خان 59124 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو پي پي 54 نارووال تان ن ليگ جو احمد اقبال چوڌري 60 هزار 351 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته سني اتحاد جي اويس قاسم 46 هزار 6868 ووٽ کنيا. هوڏانهن لاهور جي تڪ پي پي 164 تان ن ليگ جو راشد منهاس 31499 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. سني اتحاد ڪائونسل جي محمد يوسف 25781 ووٽ کنيا. هوڏانهن جن تڪن جا مڪمل نتيجا نه اچي سگھيا هئا انهن ۾ پي پي 149 لاهور 5 تان استحڪام پاڪستان جو محمد شعيب صديقي 36 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته سني اتحاد جو ذيشان رشيد 21 هزار ۽ ڪجهه سو ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. حمزه شهباز جي خالي ڪيل لاهور واري تڪ پي پي 147 تي ن ليگ جو رياض ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته آزاد اميدوار محمد مدني خان کي شڪست ملي وئي. اين اي 132 قصور تي ن ليگ 32 هزار 601 ووٽن سان اڳتي رهي، سني اتحاد جو 15 هزار 426 ووٽ کڻي سگھيو. پي پي 22 چڪوال جي 215 پولنگن جي غير سرڪار يغير حتمي نتيجي موجب ن ليگ 39 هزار 583 ووٽ کڻي اڳتي رهي. سني اتحاد 28هزار 9 سو ووٽ کڻي سگھي. پي پي 149 لاهور جي 143 پولنگن جي نتيجن موجب آءِ پي پي 26 هزار 393 ووٽن سان پهرين نمبر تي رهيو، سني اتحاد جو 15 هزار 451 ووٽ کڻي سگھيو. پي پي 158 لاهور جي سمورين پولنگن جي نتيجن موجب مونس الاهي هارائي ويو، ن ليگ ڪاميابي ماڻي ورتي.
هوڏانهن پي پي 266 رحيم يارخان جي 20 پولينگن جي نتيجن موجب پ پ جو اميدوار 8 هزار 265 ووٽن سان اڳتي رهيو، ن ليگ جو اميدوار 4 هزار 203 ووٽن سان پوئتي رهيو، سني اتحاد جي 2208 ووٽ کنيا. پي پي 290 ڊي جي خان جي 81 پولنگن جي نتيجن موجب ن ليگ 51 هزار 437 ووٽن سان اڳتي رهي، آزاد اميدوار محي الدين 14 هزار 708 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو. پي بي 20 وڍ جي 38 پولنگن جي نتيجن موجب بي اين پي 9 هزار 866 ووٽن سان اڳتي هئي، جڏهن ته آزاد اميدوار مير شفيق 6258 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو. بلوچستان جي تڪ پي بي 22 لسٻيلو جي 10 پولنگن جي نتيجن موجب ن ليگ 4213 ووٽن سان اڳتي هئي جڏهن ته آزاد اميدوار شاهنواز 303 ووٽ کڻي سگھيو. هوڏانهن باجوڙ ۾ اپسيٽ ٿيو آهي، جتي جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب مقتول اڳواڻ ريحان زيب جو ڀاءُ مبارڪ زيب پي ٽي آءِ جي حمايتي اميدوار کان اڳتي رهيو، ميديا رپورٽن موجب باجوڙ جي اين اي 8 جي 105 پونگن جي نتيجن موجب آزاد اميدوار مبارڪ زيب 20 هزار 332 ووٽ کڻي پهرئين نمبر تي رهيو. سني اتحاد جي اميدوار پي ٽي آءِ اڳواڻ 11 هزار 197 ووٽ کنيا. پي پي 36 وزيرآباد جي تي ن ليگ جو جو عدنان اڳتي رهيو، جڏهن ته سني اتحاد جو محمد فياض چٺا هارائي ويو. اها سيٽ پي ٽي آءِ جي خالي ڪيل هئي.