برف پگهرجڻ لڳي: اپوزيشن پاران حڪومت سان ڳالهين جو فيصلو: نواز ۽ زرداري سان ايندڙ هفتي رابطن جو امڪان
آگسٽ 3, 2024
اسلام آباد ( بيورو رپورٽ + م ڊ ) اپوزيشن اتحاد تحريڪِ تحفظ آئين پاڪستان حڪومت اتحاد سان رابطن جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب، محمود خان اچڪزئي جي قيادت ۾ اپوزيشن اتحاد جلد حڪومتي اتحادين سان رابطو ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن اتحاد طرفان نون ليگ ۽ پ پ سان باضابطه رابطو ڪيو ويندو. ذريعن موجب، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري سان ڳالهين لاءِ ايندڙ هفتي رابطن جو امڪان آهي، محمود خان اچڪزئي سياسي پارٽين سان رابطا ۽ مشاورت ڪندو. ياد رهي ته اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان 6 جماعتي اتحاد آهي، اتحاد ۾ پاڪستان تحريڪِ انصاف، پشتونخوا ملي عوامي پارٽي، جماعت اسلامي، بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل، سني اتحاد ڪائونسل ۽ وحدت مسلمين شامل آهن. هوڏانهن بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته اسٽبلشمينٽ سان ڳالهين ۾ محمود اچڪزئي عمران خان جي نمائندگي کان انڪار ڪيو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته مون محمود خان اچڪزئي سان اهڙو سوال قومي اسيمبلي ۾ ملاقات دوران پڇيو جنهن تي هن انڪاري جواب ڏنو ۽ چيو ته آئون ڪردار ادا نٿو ڪري سگهان، عمران جي تجويز سدائين غيرسنجيده هوندي آهي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ لطيف کوسه چيو آهي ته محمود اچڪزئي جي تجويزن تي باني پي ٽي آءِ فيصلو ڪندو، بند گهٽي مان نڪرڻ جو رستو فارم 47 وارن کي ڪڍيو وڃي، حڪومت وٽ اختيار ناهي، مقتدر حلقن سان ئي ڳالهيون ڪنداسين