يڪجهتي ڪاميٽي جو گوادر ڏانهن مارچ، روڊ رستا سيل: ڌرڻا، ڪيترن ئي شهرن ۾ هڙتال: چڪريون، هڪ ڄڻو مارجي ويو: 8 زخمي

جُولاءِ 29, 2024

گوادر(م ڊ) بلوچستان جي شهر گوادر ۾ بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي جي سڏ تي هزارين ماڻهو سموري صوبي مان پهچي ويا. رستا سيل هجڻ ۽ نيٽ ورڪ بند هجڻ باوجود ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت پهتا ۽ هزارين ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو جيڪو رات دير تائين جاري هو. گوادر ۾ فائرنگ جا به اطلاع آهن جنهن ۾ هڪ ڄڻو مارجڻ ۽ 7 زخمي ٿيڻ جا اطلاع به آهن. علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ آهي جڏهن ته بلوچستان جي مختلف شهرن جا روڊ رستا سيل هجڻ ڪري ماڻهن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ماڻهو پنهنجي منزلن تي پهچڻ لاءِ پريشان رهيا. مستونگ ۾ به روڊ بند ڪرڻ خلاف ڌرڻو هنيو ويو. بي بي سي موجب مڪران ڊويزن جي انتظاميا جي هڪ اهلڪار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته مظاهرين ۽ سڪيورٽي فورسز وچ ۾ چڪريون به ٿيون آهن. زخمي ٿيندڙ ماڻهن مان ٻن کي پيرن ۾ گوليون لڳيون، جڏهن ته هڪ کي پيٽ ۾ لڳي. اهلڪار موجب جنهن شخص کي پيٽ ۾ گولي لڳي اهو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. بي بي سي موجب موبائل فون ۽ پي ٽي سي ايل نيٽ ورڪ بند هجڻ سبب گوادر ۾ بلوچ يڪجھتي ڪاميٽي جي اڳواڻن سان رابطو نه ٿي سگھيو. مستونگ ۾ ڌرڻي ۾ موجود بلوچ يڪجھتي ڪاميٽي جي اڳواڻ بيبرگ بلوچ الزام هنيو ته بلوچ قومي اجتماع ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ ماڻهن تي بنا جواز فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ڪري هڪ شخص قتل ٿيو آهي.  ٻئي پاسي بلوچستان حڪومت جي ترجمان جو چوڻ هو ته سڪيورٽي فورسز پاران فائرنگ ڪرڻ جون خبرون غلط آهن، انهن جي تصديق نٿي ڪري سگھجي. جڏهن ته بيبرگ بلوچ دعويٰ ڪئي آهي ته گوادر ۾ فائرنگ سان زخمي ٿيندڙن جو تعداد 8 آهي. مستونگ ۾ هڪ ڏينهن اڳ 14 ماڻهو زخمي ٿيا هئا. ٻئي پاسي بلوچستان نيشنل پارٽي، نيشنل پارٽي ۽ حق دو گوادر تحريڪ بلوچ يڪجھتي ڪاميٽي جي قافلن تي فائرنگ جي مذمت ڪئي آهي. بلوچ يڪجھتي ڪاميٽي بلوچ قومي اجتماع ميرين ڊرائيو تي منتقل ڪرڻ جو به اعلان ڪيو. بي بي سي موجب ڄاڻايل اهلڪار وڌيڪ ٻڌايو آهي ته هن وقت ميرين ڊرائيو جي علائقي ۾ گوادر سان تعلق رکندڙ ماڻهو موجود آهن، پر صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي.  گوادر کان ٻاهران ايندڙ ماڻهن جي هڪ وڏي تعداد کي تلار جي مقام تي روڪيو ويو آهي. اتي حالتون خراب ٿيڻ ۽ ماڻهن جي گوادر پهچڻ جي صورت ۾ شايد حالتون ڪنٽرول مان نڪري وڃن.  بي بي سي موجب تلار جيان بلوچستان جي ٻين علائقن ۾ به حڪومت شاهراهون بند ڪري ماڻهن کي گوادر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند ان جو سبب ٻڌائيندي چيو ته بلوچ يڪجھتي ڪاميٽي گوادر ۾ جلسي جي اجازت ناهي ورتي.  هوڏانهن بلوچستان جي گھرو کاتي جي اهلڪار موجب هڪ ڏينهن اڳ ڊي سي گوادرڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ سان رابطي ۾ هو ۽ وڏي حد تائين کيس جلسي جي جاءِ تبديل ڪرڻ تي قائل به ڪري چڪو هو پر مستونگ ۾ سندن قافلن تي فائرنگ کان پوءِ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جاءِ تبديل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ اهو چيو ته هاڻي هوءَ هر حال ۾ ميرين ڊرائيو  تي جلسو ڪندي.  بي بي سي موجب اهلڪار الزام هنيو ته بلوچ يڪجھتي ڪاميٽي پاران لچڪ جو مظاهرو نه ٿيڻ جي ڪري هيل تائين ڳالهين ۾ ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگھي آهي نه ته انتظاميا پاران جلسي جي حوالي سان کين ٻه ٽي متبادل جايون پيش ڪيون هيون ۽ تلار کان رستو کولڻ جي به آڇ ڪئي هئي. موبائل فون سروس معطل هجڻ سبب ڊاڪٽر ماهه رنگ سان رابطو نه ٿيڻ ڪري ان سلسلي ۾ سندس موقف معلوم نه ٿي سگھيو آهي. پر هڪ ڏينهن اڳ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ بي بي سي کي ٻڌايو هو ته کين جلسو ڪرڻ نه پيو ڏنو وڃي. بي بي سي موجب جلسي جي اجازت نه ڏيڻ ۽ گوادر ۽ ٻين علائقن ۾ وڃڻ نه ڏيڻ تي ڪوئيٽا شهر جي ڪجھه علائقن سميت بلوچستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ شٽر بند هڙتال رهي.  ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي سمورن شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو ڪالهه به جاري رهيو.

بلوچستان ۾ وڳوڙ ۽ سول مارشل لا لڳائي وئي آهي: نيشنل پارٽي

ڪوئيٽا(م ڊ) نيشنل پارٽي گوادر ۾ جلسي تي پابنديون لڳائڻ ۽ شهرين کي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي جلسي ۾ شرڪت کان روڪڻ کي سول مارشل لا قرار ڏنو آهي. مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري اسلم بلوچ ۽ ايم پي اي ڪلثوم نياز پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان پهرئين ڏينهن کان بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي مظاهرن جي حمايت ڪئي آهي، ۽ گڏ رهنداسين، سندن سمورن مطالبن تي عمل ڪيو وڃي. هن چيو ته بلوچستان ۾ گذريل هفتي کان وڳوڙ ۽ سول مارشل لا لڳل آهي ۽ ان جي ذميوار رياست ۽ غيرسياسي ۽ غيرسنجيده حڪومت آهي، فارم 47 وسيلي ڪٺ پتلي حڪومت کي مڙهيو ويو آهي. هن چيو ته انوکو واقعو آهي ته ٻن ڏينهن کان حڪومت ڦيٿو جام ڪري رستا بند ڪريو ويٺي آهي. ٻن ڏينهن ۾ 300 کان وڌيڪ ماڻهن کي 16 ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو آهي انهن کي ۽ سمورن گم ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • لاڙڪاڻي ۾ مڙهه کڻن به مشڪل ٻڻيل

  • صالح پٽ ڀرسان جهيڙو، 8 ڄڻا زخمي

  • دادو ۾ عورت سان 3 جوابدارن جي اجتماعي لڄالٽ

  • لاڙڪاڻو: مبينا حملي ۾ مارجي ويلن جي وارث عورت جو احتجاج