ڪجهه ادارا بند، ڪجهه صوبن حوالي: پوسٽون ختم: گاڏيون واپس: تجويزون وزيراعظم حوالي

جُون 13, 2024

اسلام آباد: وفاقي بجيٽ پيش ٿيڻ کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾  حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ حڪومتي ڍانچي بابت اهم اجلاس ٿيو. حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ جوڙيل ڪاميٽي ابتدائي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪري ڇڏي. ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جي سربراهي ۾ ڪاميٽي ۾ ڪابينا، ناڻي، اسٽيبلشمينٽ، پاور سيڪريٽريز، ڊاڪٽر قيصر بنگالي، ڊاڪٽر فرخ سليم ۽ محمد نويد افتخار شامل هئا. شروعاتي رپورٽ ۾ مختصر مدت ۽ وچولي مدت بابت سفارشون پيش ڪيون ويون، ڪاميٽي پاران ڪجهه سرڪاري ادارا بند ڪرڻ، ڪيترن ادارن کي ضم ڪرڻ ۽ ڪجهه ادارن کي صوبن حوالي ڪرڻ جي سفارشون ڪيون ويون آھن  ڪاميٽي سفارش ڪئي ته اهڙيون سموريون پوسٽون جيڪي هڪ سال کان وڌيڪ خالي آهن، قومي پئسو بچائڻ لاءِ ختم ڪيون وڃن، نون ڀرتي ٿيل سرڪاري ملازمن جي ڪنٽريبيوٽري پينشن سسٽم متعارف ڪرايو وڃي. ڪاميٽي اِها به سفارش ڪئي آهي ته سرڪاري ادارن ۾ خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرائيويٽ سيڪٽر کي ڀرتي ڪيو وڃي، سرڪاري عملدارن جي غير ضروري سفر تي پابندي ۽ سرڪاري خرچن کي گهٽائڻ لاءِ ٽيلي ڪانفرنس کي فروغ ڏنو وڃي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مونو ٽائيزنگ جي سهولت ڏيندڙ سرڪاري اهلڪارن کان سرڪاري گاڏيون فوري طور تي واپس ورتيون وڃن، انهن ابتدائي تجويزن جي حوالي سان وزيراعظم هڪ اعليٰ اختياري ڪاميٽي جوڙي ڇڏي جيڪا 10 هفتن اندر جامع رپورٽ پيش ڪندي. وزير اعظم چيو ته ڪاميٽي عالمي سطح جي بهترين تجربن مان فائدو وٺندي تجويزون پيش ڪندي، اميد آهي ته اعليٰ اختياري ڪاميٽي جي سفارشن جي روشنيءَ ۾ قوم جا اربين رپيا بچائي سگهجن ٿا، اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ روينيو واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.

Leave A Comment