ڪجهه وزارتون ختم ڪرڻ جو اعلان: پگهارن تي ٽيڪس کانسواءِ اڳتي نٿا وڌي سگهون، نان فائلرز کي نه ڇڏينداسين: ناڻي وزير

جُون 14, 2024

اسلام آباد(رپورٽ : ايم بي سومرو) حڪومت پاران ڪجهه وفاقي وزارتون ختم ڪرڻ جو اعلان، ناڻي وزير چيو آهي ته پگهاردار طبقي تي ٽيڪس کانسواءِ اڳتي نٿا وڌي سگهون، نان فائلرز کي نه ڇڏينداسين، ڪنهن کي اعتراض نه هجڻ گهرجي، سڀني جي ڊيٽا موجود آهي، هول سيلرز ۽ ريٽيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ به ضروري آهي جيئن بار ورهائي سگهجي. اسلام آباد ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ٻين عملدارن سان گڏ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪئي

وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته ٽيڪس بيس وڌائڻ اڻٽر آهي، مختلف ادارن جي نظام کي بهتر ڪرڻو پوندو، معيشت ۽ ايف بي آر جي ڊجيٽلائزيشن تي ڪم ٿي رهيو آهي، پروگريسو ٽيڪس سرندي وارن تي لڳايو ويندو

هن چيو ته 2 کان 3 سال ٽيڪس بيس جيئن جو تيئن اڳتي وڌائينداسين، پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي کي جيئن جو تيئن لاڳو ڪيو ويندو، 3 سالن ۾ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي کي 10 مان 13 سيڪڙو تائين کڻي وڃڻو آهي.هن چيو ته ٽيڪس قانون پوري طرح لاڳو ناهن ٿيا، نان فائلرز جي ڪاروباري ٽرانزيڪشن تي ٽيڪس ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، نان فائلرز لاءِ ٽيڪس جي شرح 45 سيڪڙو تائين کڻي ويا آهيون، نان فائلرز جي خرابي ختم ڪرڻ لاءِ ٽيڪس وڌائي، ڊجيٽلائزيشن بعد نان فائلر کان ٽيڪس به وٺنداسين ۽ پڇاڻو به ڪنداسين

ناڻي وزير چيو ته اسان وٽ سڀني شهرين جي ڊيٽا آهي، ڪنهن وٽ ڪيتريون گاڏيون آهن ڪيترو بل ڏيندو آهي، شهرين جي لائف اسٽائل جي سڄي ڊيٽا آهي، ٽيم ٺاهينداسين جيڪا جائزو وٺندي ان بعد ٽيم ان تي عمل لاءِ چوندي، نان فائلرز کي ٽڪيس نيٽ ۾ آڻڻ جو وقت اچي ويو آهي، پگهاردار امير طبقو وڌيڪ ٽيڪس جي ڪري ملڪ ڇڏي وڃي رهيو هو

ناڻي واري وفاقي وزير موجب پگھاردار طبقي تي ٽيڪس لڳائڻ کانسواءِ اڳتي نٿا وڌي سگھون، پگھاردار طبقي کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ ضروري آهي، وڌيڪ آمدني تي وڌيڪ ٽيڪس هوندو ڪنهن کي اعتراض نه هجڻ گهرجي،  ايف بي آر مان مداخلت ختم ڪنداسين. هن چيو ته اڻ رجسٽرڊ معيشت جو خاتمو ڪرڻو آهي، 31 هزار ريٽيلرز رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، ريٽيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ ضروري آهي ته جيئن بار ورهائي سگھجي، اپريل ۾ ريٽيلرز کي پاڻمرادو رجسٽرڊ ٿيڻ جو چيو آهي، هلندڙ سال جولاءِ کان ريٽيلرز تي ٽيڪس لاڳو ٿي ويندو. محمد اورنگزيب چيو ته فڪسڊ ٽيڪس کي مرحليوار ڏسي رهيا آهيون، ڪيش ٽرانزيڪشن ختم ڪري ڊاڪيومينٽ ڏانهن وڌي رهيا آهيون، انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي ۾ نوجوانن کي سهولتون فراهم ڪنداسين، آءِ ٽي جي ايڪسپورٽ 3 ڏهائي 5 ارب ڊالرز آهي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پر اميد آھيان ته جولاءِ ۾ آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويندو، وزير اعظم اسلام آباد ايئرپورٽ جي نجڪاري بعد ڪراچي ۽ لاهور ايئرپورٽ جي نجڪاري بابت تياري هاڻي کان ئي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آھي، هن چيو ته ايف بي آر چيئرمين دبئي ليڪ بعد ملڪيتون رکندڙن کي هزارن جي تعداد ۾ نوٽيس جاري ڪيا ويا آھن

پيٽروليم ليوي بابت سوال تي ناڻي واري وزير چيو ته 60 کان 80 رپين جي تجويز آهي، مرحليوار واڌ ڪنداسين،ريٽيلرز ۽ هول سيلرز تي جولاءِ کان ٽيڪس لاڳو ٿيڻ شروع ٿي ويندو. هي ٽيڪس 2022ع ۾ متعارف ڪرائي  وڃي ها، اسان وٽ هاڻي ان کانسواءِ ڪو به آپشن ناهي ته انهن شعبن کي به ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي. غير قانوني ڪيش ٽرانزيڪشن جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي هن  چيو ته اهي سڀ شيون ڊجيٽلائيزيشن ۽ غير دستاويزي معيشت سان لاڳاپيل آهن، هن وقت گردشي ڪيش 90 کرب آهي، ان ڪري اسان ڪوشش ڪئي آهي ته جيترو ٿي سگهي ان کي اتي کڻي وڃون

ناڻي واري وزير کان جڏهن بجيٽ ۾ نوجوانن کي نظر انداز ڪرڻ ۽ ننڍي ۽ وچولي ڪاورباري ادارن متعلق سوال ڪيو ويو ته ناڻي واري وزير چيو ته پهرين اسان نوجوانن جي ڳالهه ڪريون ٿا، سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ پوري دنيا ۾ ٽيون نمبر وڏو فري لانسر آهي، اسان نوڪريون ناهن ڏنيون ، پر ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گهر ۾ ويهي پئسا ڪمائي رهيا آهن ۽ اسان سڀ کان وڏي رقم آءِ ٽي سيڪٽر لاءِ مختص ڪئي آهي، ننڍن ڪاروباري ادارن جي حوالي سان بينڪن کي محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي، زرعي فنانسنگ، آءِ ٽي فنانسنگ ۽ ايس ايم اي فنانسنگ اسڪيمون ٺاهيون آهن، ايگزم بئنڪ جي ايڪسپورٽ ري فنانس اسڪيم کي اسٽيٽ بئنڪ مان منتقل ڪيو پيو وڃي

ترقياتي بجيٽ ۽ غريب عوام کي رليف ڏيڻ بابت سوال تي هن چيو ته پي ايس ڊي پي ۾ اسان جي ترجيح جاري منصوبن کي مڪمل ڪرڻ آهي، 81 سيڪڙو رقم انهن کي ڏني پئي وڃي جيڪي مڪمل ٿيڻ وارا ترقياتي ڪم آهن. جيڪڏهن اهي منصوبا رڪجي ويا ته گهربل اثر نه پوندا، نوان پراجيڪٽ به رڳو 19 سيڪڙو مختص ڪيا ويا آهن هن وقت تائين جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي آهي اها قرضن تي ٻڌل آهي، جيڪڏهن ائين نه ٿي سگهيو ته صوبن سان صلاح مشورو ڪنداسين تاڙي ٻن هٿن سان وڄندي آهي

ناڻي وزير چيو ته اسان کي جيڪو ڪرڻ گهرجي ها اهو هو ته ڪم نه ڪندڙ وزارتن کي بند ڪري ڇڏينداسين، جيڪو اسان نه ڪيو، ان تي هاڻي ڪافي ڪم ٿي چڪو آهي، ٻن ٽن مهينن کانپوءِ شهباز شريف ان حوالي سان فيصلو ڪندو. جيتريون شيون اسان حڪومت مان ڪڍنداسين ايترو ئي مالياتي اسپيس ملندو. مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته توانائي جي شعبي ۾ بهتري لاءِ سرجري جي ضرورت آهي، ان حوالي سان ايڪشن پلان تمام جلد اوهان آڏو پيش ڪيو ويندو

ان بعد ناڻي جي مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته شايد شهباز شريف کي جيڪو رليف ڏيڻ گهرجي ها اهو ناهي ڏئي سگهيو، ڪجهه معاشي حقيقتون آهن، جڏهن خسارو وڌي ٿو ته ان کي ڀرڻ جو هڪ طريقو آهي نوٽ ڇپائڻ يا ٻيو قرض وٺي ايندڙ نسلن تي بار وجهڻ آهي اسان ٻئي ڪري ڏٺا آهن. اهو ڏکيو ضرور آهي پر جيڪڏهن اسان هو نه ڪريون ها ته ڪهڙي صورتحال هجي ها اِن تي به سوچو. هر قسم جون سهولتون ڏينداسين پر توهان آمدني تي ٽيڪس ڏيو

هن چيو ته ريئل اسٽيٽ ۾ 9 کرب رپيا آهن، اهي دستاويز معيشت ۾ ڪٿان اچڻا آهن، جيڪڏهن توهان نان فائلر بڻجي ويا ته توهان لاءِ ريٽ وڌيڪ ٿيندو ۽ بعد ۾ ايف بي آر توهان کان ان حوالي سان پڇا ڳاڇا ڪندو،   بجيٽ ۾ ڪمزور طبقن لاءِ به رقم مختص ڪئي وئي آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ رڪارڊ رقم مختص ڪئي وئي آهي، بجلي صارفين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ رقم رکي وئي آهي، اهڙي طرح گهٽ ۾ گهٽ ۾  اجرت 32 هزار مان وڌائي 37000 ڪئي وئي آهي. ڊجيٽلائيزيشن ۽ انفورسمينٽ بابت قدمن تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت ڏيو، پوءِ جڏهن اسان وٽ ڏيکارڻ لاءِ ڪجهه هوندو ايف بي آر چيئرمين چيو ته دبئي ليڪ بعد هزارين نوٽيسز جاري ڪيا ويا آھن

Leave A Comment