ساوند – سندراڻي خوني تڪرار جي نبيري لاءِ گوهر پيليس ۾ سردار علي گوهر مهر جي سرپينچي هيٺ جاري

جُولاءِ 4, 2024

ساوند – سندراڻي خوني تڪرار جي نبيري لاءِ گوهر پيليس ۾ سردار علي گوهر مهر جي سرپينچي هيٺ جاري جرڳي ۾ ڌرين جا بيان قلمبند، بند ڪمري ۾ فتويٰ تيار ڪئي پئي وڃي، جرڳي دوران ساوند برادري جي نمائندگي شهيد پروفيسر اجمل ساوند جو ڀاءُ ڊاڪٽر طارق ساوند، ڊاڪٽر علي نواز، عبدالسبحان ۽ منظور ساوند ڪري رهيا آهن، سندراڻي برادري جا ماڻهو سردار عابد خان سندراڻي، احسان خان سندراڻي، راشد، اسرار ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ هيٺ جرڳي ۾ پهتل، پيپلزپارٽي جو اڳواڻ خورشيد شاهه، شبير خان بجاراڻي، جلال خان ڪلپر بگٽي، غوث بخش مهر ۽ ٻيا به جرڳي ۾ موجود، جرڳي ۾ خوني تڪرار بابت ڌرين جا بيان قلمبند ڪيا پيا وڃن، شهيد پروفيسر اجمل ساوند جي قتل جو ڌار جرڳو ڪيو ويندو، شهيد اجمل ساوند جي ڀاءُ ڊاڪٽر طارق ساوند گذريل مهيني خورشيد شاهه، گل محمد جکراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ آيل منٿ ميڙ قافلي کي مانُ ڏيندي تڪرار جي نبيري لاءِ راضپو ظاهر ڪيو هو

Leave A Comment