سنڌ جو نئون وڏو وزير چونڊڻ لاءِ اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جاري

فيبروري 26, 2024

سنڌ جو نئون وڏو وزير چونڊڻ لاءِ اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جاري، پيپلزپارٽي جو نامزد وڏو وزير مراد علي شاهه ڪٽنب جي ڀاتين سميت ايوان ۾ موجود، ايم ڪيو ايم جو نامزد وڏو وزير علي خورشيدي مراد علي شاهه جي مقابلي ۾ ميدان ۾ لٿل، گذريل ڏينهن پيپلزپارٽي جو اويس قادر شاهه 111 ووٽ کڻي اسپيڪر ۽ نويد انٿوني ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويا هئا، اڄ نادر مگسي جي حلف کڻڻ بعد مراد علي شاهه کي وڏي وزير طور 112 ووٽ ملڻ جا امڪان، سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل پي ٽي آءِ جي حمايت يافته 9 ميمبرز پاران وڏي وزير جي چونڊ واري عمل جي بائيڪاٽ جو اعلان

Leave A Comment