اسپيڪر اياز صادق پاران اليڪشن ڪميشن کي خط لکڻ بعد قومي اسيمبلي ۾ پارٽي پوزيشن تبديل

سيپٽمبر 20, 2024

اسپيڪر اياز صادق پاران اليڪشن ڪميشن کي خط لکڻ بعد قومي اسيمبلي مان پي ٽي آءِ جو مڪمل خاتمو؟ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ايوان ۾ نئين پارٽي پوزيشن جاري ڪري ڇڏي

نئين پارٽي پوزيشن موجب پي ٽي آءِ جي 80 ميمبرز کي سني اتحاد ڪائونسل جو ميمبر ڄاڻايو ويو، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي پڌرائي موجب نئين پارٽي پوزيشن 18 سيپٽمبر تي جاري ڪئي وئي

نئين پارٽي پوزيشن موجب قومي اسيمبلي ۾ نوازليگ جون 110 ۽ پيپلزپارٽي جون 69 سيٽون آهن، ايم ڪيو ايم پاڪستان جون 22، ق ليگ جون 5 ۽ آءِ پي پي جون 4 سيٽون موجود، مسلم ليگ ضيا، بلوچستان عوامي پارٽي ۽ نيشنل پارٽي کي هڪ هڪ سيٽ حاصل

قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب حڪومتي بينچز تي 20 مخصوص سيٽن کانسواءِ 213 ميمبر موجود آهن، اپوزيشن بينچز تي سني اتحاد ڪائونسل جا 80، جي يو آءِ جا 8 ۽ پي ٽي آءِ جا حمايت يافته 8 آزاد اميدوار به موجود

پي ڪي ميپ، بي اين پي مينگل ۽ ايم ڊبليو ايم جو هڪ هڪ ميمبر به اپوزيشن بينچز تي ويٺل، اپوزيشن بينچز تي موجود هڪ آزاد ميمبر نوازليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي

سيڪريٽريٽ موجب نوازليگ کي 15، پيپلزپارٽي کي 5 ۽ جي يو آءِ کي 5 مخصوص سيٽون ڏنيون ويون هيون، مخصوص سيٽون ڳڻپ ۾ شامل نه آهن

مخصوص سيٽن کانسواءِ حڪومتي بينچز جي ميمبرز جو انگ 213 آهي، مخصوص سيٽن کانسواءِ اپوزيشن بينچز تي ويٺل ميمبرز جو انگ 100 آهي، ايوان ۾ موجود ڪل ميمبرز جو انگ 313 آهي، 23 تڪراري مخصوص سيٽون گڏائڻ سان اهو انگ وڌي 336 ٿي ويندو

Leave A Comment