مخصوص سيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ جو وفاق، پنجاب ۽ ڪي پي ۾ سني اتحاد ڪائونسل سان اتحاد
فيبروري 20, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ مخصوص سيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ وفاق، پنجاب ۽ ڪي پي ۾ سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو، بئريسٽر گوهر خان جي ايم ڊبليو ايم ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي، پي ٽي آءِ جي حمايت يافته چونڊيل آزاد ميمبرن کي سني اتحاد ۾ شامل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو، گوهر خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا حمايت يافته ڪامياب آزاد ميمبر سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيندا، اليڪشن ڪميشن کان گُهر ڪئي ويندي عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون قانون پٽاندڙ پي ٽي آءِ کي ڏنيون وڃن، قومي اسيمبلي ۾ 70 مخصوص سيٽون آهن، 227 سڄي ملڪ ۾ آهن، اهي سيٽون رڳو سياسي پارٽين کي ملنديون آهن، مخصوص سيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ سني اتحاد ڪائونسل سان معاهدو ٿيو آهي، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي نظر ۾ اسان جي آزاد اُميدوارن کي پي ٽي آءِ جي حمايت يافته سڏيو ويندو آهي، بيرسٽر گوهر چيو ته چونڊن ۾ 180 قومي اسيمبلي ۾ سيٽون کٽي چڪا آھيون، تحريڪ انصاف ٽڪيٽون جاري ڪيون هيون پر چونڊن کان اڳ اميدوارن کان چونڊ نشان کسيو ويو، اهي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، اليڪشن ڪيشن نوٽيفڪيشن به جاري ڪيا آهن، اميدوارن کي ڪنهن پارٽي ۾ شامل ٿيڻو هوندو آهي، اسان جا آزاد اميدوار صوبائي يا قومي اسيمبلي ۾ هجن اهي سني اتحاد ڪائونسل ۾ پارٽي طور شامل ٿيندا، پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوارن پنهنجا حلف ناما جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، هن چيو ته اسان درخواستون جمع ڪرائينداسين اسان جو معاهدو به ٿيو آھي ۽ اسان جا آزاد اميدوار سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿي رهيا آھن، پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب چيو ته قومي ۽ صوبائي حڪومتون پي ٽي آءِ ٺاهيندي، پهريون ڪم پي ٽي آءِ باني، بشريٰ بي بي، شاهه محمود قريشي ۽ پرويز الاهي سوڌو ڪارڪنن جي آزادي هوندو، سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته چونڊيل ميمبرز سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت جي درخواست ڏئي ڇڏي، خرم شير زمان موجب نوَن ميمبرز حلف ناما سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه جي نالي سان اُماڻي ڇڏيا آهن، مجلس وحدت المسلمين جي علامه راجا ناصر عباس چيو ته پي ٽي آءِ کان چونڊ نشان کسيو ويو. 8 فيبروري ڌانڌلي جي رات هئي ڌانڌلي ڪندڙن کان پڇيو ويندو. هن چيو ته مون تجويز ڏني ته سني اتحاد ۾ شامل ٿيڻ بهترين آپشن آھي اسان کي ڪو اعتراض نه آھي. صاحبزده حامد رضا چيو ته نئون اتحاد نه آھي ڇھه ست سالن کان چونڊ بابت اتفاق راءِ موجود هئي هي فيصلو گڏيل اتفاق راءِ سان ڪيو. عمران خان جي منظوري به شامل آھي. اسان جو تعاون غيرمشروط آھي، پاليسي عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي هوندي. جڏهن ته اجلاس بعد تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بريسٽر علي گوھر، مجلس وحدت المسمين جي راجا ناصر عباس، سني اتحاد ڪائونسل جي صاحبزاه حامد رضا سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪئي. پي ٽي آءِ ڪور ڪاميٽي اجلاس ۾ مجلس وحدت المسلمين، سني اتحاد ڪائونسل ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف وچ ۾ طئي ٿيل سياسي گڏيل عمل جي مڪمل حمايت سان منظوري ڏني. تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي مطالبو ڪيو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي سمورن سيٽن جا فارم 45 تحت نتيجا جاري ڪيا وڃن. ڪمشنر راولپنڊي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف جسٽس تي الزام هنيا آهن عدالتي جاچ ڪرائي وڃي.