تازا ترين
  • *صديق ڪلهوڙو کي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس، سنڌ ۾ پهرين فيبروري کان پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري ڪلاسز کولڻ تي اتفاق*شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ نه ڪيو ويندو، اسٽيئرنگ ڪميٽي اتفاق ڪيو آهي ته امتحانن جي معاملي تي تڪڙ نه ڪئي ويندي: سعيد غني* ڪورس گهٽائي نٿا ڪري سگهون، ڀلي امتحان ري شيڊول ٿي وڃن، ڪوشش ڪنداسين ته تعليمي ادارن ۾ 60 سيڪرو نصاب پڙهايو وڃي*
  • *سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود آرمي چيف چيني سفير سان ڇو ملاقاتون ڪري رهيو آهي؟: اپوزيشن جو سينيٽ ۾ سوال*اطمينان جوڳو جواب نه ڏيڻ تي اپوزيشن جو ايوان مان واڪ آئوٽ، آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود جنرل باجوه جي مقرري ڇو ڪئي وئي؟: جاويد عباسي*

پڪا چانگ ۾ مزدا ڪلٽي، 2 ڄڻا زخمي، سوين مرغيون مري ويون

فيض گنج (ن پ ا) پڪا چانگ باءِ پاس تي دعا هوٽل وٽ مرغين ساب ڀريل مزدا ڪلٽي، 2 ڄڻا زخمي، سوين مرغيون مري ويون. فيض گنج لڳ پڪا چانگ باءِ پاس تي مرغين سان ڀريل مزدا ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتجي ۾ 2 ڄڻا مزدا ڊرائيور سهيل آرائين ۽ گڊو آرائين زخمي ٿي پيا جن کي فيض گنج جي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. مزدا ڪلٽي ٿيڻ سبب گاڏيءَ ۾ لوڊ ڪيل سوين مرغيون مري ويون آهن. مزدا مرغيون کڻي هالاڻيءَ کان نوابشاهه وڃي رهي هئي ته حادثو پيش آيو. پوليس موجب ڊرائيور کي ننڊ جو جهوٽو اچڻ ڪري مزدا ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي آهي. حادثي سبب مرندڙ مرغين جي قيمت لکين رپيا ٻڌائي پئي وڃي. واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو آهي.

Bookmark the permalink.