اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ملڪ ۾ پلاسٽڪ جا ڪرنسي نوٽ جاري ڪرڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو
آگسٽ 21, 2024
اسلام آباد(م ڊ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ملڪ ۾ پلاسٽڪ جا ڪرنسي نوٽ جاري ڪرڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو. سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڊجيٽل ۽ پلاسٽڪ ڪرنسي بابت بحث ٿيو. اسٽيٽ بئنڪ گورنر ٻڌايو ته نون ڪرنسي نوٽن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، ڏسنداسين ته انهن جو مدو ڪيترو هوندو آهي، هن سال جي آخر تائين نون نوٽن جي ايڪسر سائز مڪمل ڪنداسين. هن چيو ته سڀني ڪرنسي نوٽن کي تبديل ڪيو ويندو. ڪاميٽي ميمبر شاهزيب دراني چيو ته اسان پلاسٽڪ جي خاتمي تي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ توهان پلاسٽڪ جا نوٽ آڻڻ چاهيو ٿا. اسٽيٽ بئنڪ گورنر چيو ته اسان پلاسٽڪ ڪرنسي کي ٽيسٽ ڪنداسين، عوام قبول ڪيو ته جاري ڪنداسين.