رياست کي ھٿيار ھٿ ۾ کڻندڙن کان الڳ طريقي سان ڊيل ڪرڻ گھرجي: نگران وزيراعظم جو عدالت ۾ پيش ٿي بيان

فيبروري 28, 2024

جبري گمشدگي واري معاملي تي سموري رياست کي جوابدار بڻائڻ مناسب نه آهي، بلوچستان ۾ هٿياربند مزاحمت کي منهن ڏئي رهيا آهيون، بسن مان ماڻهن کي لاهي سڃاڻپ پڇي وڃي ٿي، ڪنهن جي نالي اڳيان چوڌري يا گجر آهي ته ان کي باهه ڏئي ساڙيو وڃي ٿو، اهڙن واقعن تي ڪير به آوا نه ٿو اٿاري: نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڏو پيشي دوران ڳالهيون، جسٽس محسن اختر ڪياني وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته ماڻهن جي حقن جي لتاڙ ڪري حڪومت هلائي نه ٿي سگهجي، رياستي ادارن کي خبر آهي ته ملڪ کي ڪيئن هلائڻو آهي، عدالت ڪنهن به جوابدار يا دهشتگرد کي تحفظ نه ڏيندي، ڪير به رياست خلاف سرگرمين ۾ ملوث آهي ته ان کي قانون موجب عدالتن آڏو پيش ڪيو وڃي، نگران وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جو به هڪ طريقو آهي هو پڇن ٿا ڪير گم ٿيو آهي، هو پڇن ٿا توهان جسٽس محسن اختر ڪياني آهيو توهان گم ٿي ويا آهيو، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ڇا مون کي جبري طور گم ٿيڻو آهي؟ نگران وزيراعظم چيو ته مان مثال پيو ڏيان مان انوار جو نالو ٿو کڻان، اسان چئون ٿا ته لسانيت جي بنياد تي شاگردن جي پروفائيلنگ نه ڪيو، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ادارا قانون کان مٿاهان ناهن، وزيراعظم، وزير، سيڪريٽريز ۽ عدالتون به جوابده آهن، جنهن جي خلاف به ڪو ڪيس آهي ته قانون موجب ان خلاف ڪارروائي ڪيو
…..نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ بلوچ شاگردن جي گمشدگي واري ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڏو پيش، نگران وزيراعظم اٽارني جنرل سان گڏ عدالت پهتو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بلوچ شاگردن جي گمشدگي واري ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي نگران وزيراعظم کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو، نگران وزيراعظم عدالت آڏو ڳالهائيندي چيو ته مون کي بلوچستان جي حالتن جي وڌيڪ خبر آهي، بلوچستان ۾ هٿياربند مزاحمت ٿي رهي آهي، ان جو جواب اٽارني جنرل، درخواست گذار يا ڪنهن ٻئي وٽ نه آهي، جبري گمشدگين جو معاملو اچي ٿو ته صورتحال بدلجي وڃي ٿي، پاڪستان تي بطور رياست به الزام لڳن ٿا، نگران وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردن ماڻهن کي بسن مان لاهي باهه ڏئي به ماريو آهي، اٽارني جنرل منصور اعواڻ عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته گم ٿيل 4 بلوچ شاگردن جو پتو نه پئجي سگهيو آهي، اسان جي معلومات مطابق 2 گم ٿيل بلوچ شاگرد افغانستان ۾ موجود آهن

Leave A Comment