اسٽي آرڊر سبب ايڪسائيز کاتي ۾ کوٽ باوجود ڀرتيون نه ٿي سگهيون آهن: سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ
مَي 27, 2024
اسٽي آرڊر سبب ايڪسائيز کاتي ۾ کوٽ باوجود ڀرتيون نه ٿي سگهيون آهن، ڀرتين جو اشتهار به ڏنو ويو هو، اميدوار آءِ بي اي ٽيسٽ به پاس ڪري ويا پر اسٽي آرڊر سبب ڀرتيون نه ٿي سگهيون، پهرين آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ملازم ڀرتي ٿيڻ گهرجن: سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جا سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرز پاران پڇيل سوالن جا جواب، شرجيل ميمڻ چيو ته ذميوار شخصيتون به اڻ رجسٽرڊ جعلي سرڪاري نمبر پليٽ لڳل گاڏيون هلائي رهيون آهن، هڪ اهم شخص جي اڻ رجسٽرڊ جعلي نمبر پليٽ لڳل گاڏي پڪڙي چالان ڪئي وئي، اسپيڪر اويس قادر سوال ڪيو ته اها گاڏي اپوزيشن اڳواڻ علي خورشيد جي ته نه هئي؟ شرجيل ميمڻ چيو ته ايوان ۾ مان نالو کڻڻ نه ٿو چاهيان، اڻ رجسٽرڊ گاڏي تي سرڪاري نمبر پليٽ لڳائڻ ڏوهه آهي، ان شخص خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي ۽ سندس گاڏي 8 ڏينهن لاءِ ضبط به ڪئي وئي، روڊ تي گاڏي هلائڻ لاءِ گاڏيءَ جي رجسٽريشن ڪرائڻ ضروري آهي….