وڏي وزير پاران ٽنڊو آدم جي مندر مان چوري واري واقعي جو نوٽيس وٺڻ بعد ايس ايس پي سانگهڙ راما پير جي مندر پهچي ويو

مَي 18, 2024

وڏي وزير پاران ٽنڊو آدم جي مندر مان چوري واري واقعي جو نوٽيس وٺڻ بعد ايس ايس پي سانگهڙ راما پير جي مندر پهچي ويو، اقليتي اڳواڻن ۽ مندر جي انتظاميا ايس ايس پي اعجاز احمد شيخ کي واقعي بابت آگاهه ڪيو، راجيش ڪمار، بابا راجڪمار، ليلا رام پريمي ۽ ٻين چيو ته هندو ڪميونٽي کي آسان هدف سمجهي چوري، ڦرن ۽ ڌاڙن جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ايس ايس پي مندر مان چوري ٿيل سمورو سامان واپس ڪرائڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاريءَ جي خاطري ڪرائي، ايس ايس پي چيو ته سنڌ ۾ اقليتن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ اختيار ڪرڻ وارو تاثر درست نه آهي، اقليتي برادري جي جان ۽ مال جو تحفظ هر قيمت تي يقيني بڻايو ويندو

Leave A Comment