اسٽيل ملز کي پي پي موڊ تي هلائڻ جو فيصلو: 5000 ايڪڙ تي صنعتي زون جو اعلان
مَي 31, 2024
ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت اسٽيل ملز کي ڪنهن به صورت ۾ خانگائڻ نه ڏيندي، اسان پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شِپ تحت اسٽيل ملز کي هلائينداسين، جڏهن ته اسٽيل ملز جي باقي بچيل 5 هزار ايڪڙ زمين تي چين جي مدد سان انڊسٽريل زون تعمير ڪيو ويندو، جنهن سان هڪ پاسي صوبي ۾ صنعتي ترقي ٿيندي ته ٻئي پاسي هزارين نوجوانن کي روزگار جا ذريعا پڻ ميسر ٿيندا. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسٽيل ملز جي نجڪاري جي اجازت نه ڏني. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪيس وڙهيو ۽ آخرڪار ڪامياب ٿي، هن وڌيڪ چيو ته اسٽيل ملز جو پلانٽ 700 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي لڳايو ويو هو. موجوده پلانٽ کي يا ته بحال ڪيو ويندو يا وري نئون پلانٽ لڳايو ويندو ته جيئن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڏنل تحفي کي ترقي وٺرائي سگهي. هن چيو ته اسٽيل ملز جي خالي پيل زمين تي چين جي سهڪار سان اسپيشل ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون/ اسپيشل اڪنامڪ زون قائم ڪيو ويندو. ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون قومي معيشت کي مضبوط ڪندو ۽ اسٽيل جي بحالي سان روزگار جا موقعا ۽ معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون