اسٽيل ملز جي4000 ايڪڙ زمين ايڪسپورٽ زون لاءِ چيني سيڙپڪارن کي ڏيڻ جو اصولي فيصلو
آگسٽ 2, 2024
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيل ملز جي 4 هزار ايڪڙ زمين چيني سيڙپڪارن کي ڏيڻ جو فيصلو، انهي زمين تي چيني اسپيشل ايڪسپورٽ اڪنامڪ زون قائم ڪيو ويندو. اهڙي تصديق ڪندي سنڌ جي صنعتن واري وزير اڪرام الله ڌاريجو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن مستقبل ۾ اسٽيل ملز جي ايراضي وڪرو ٿئي ٿي ته انهي ۾ سنڌ حڪومت کي حصو ملڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته اسٽيل ملز جي زمين سنڌ سرڪار جي ملڪيت آهي، سنڌ حڪومت اها زمين رڳو اسٽيل مل لڳائڻ لاءِ ڏني هئي. هن چيو ته سنڌ حڪومت اسٽيل ملز پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شِپ تحت پاڻ لڳائڻ جو به فيصلو ڪري چُڪي آهي، روس سميت مقامي سيڙپڪارن ۽ ٻين ادارن ۽ دلچسپي رکندڙ پارٽين سان سنڌ حڪومت رابطا به ڪندي، هن چيو ته موجوده اسٽيل مِلز جون سموريون رهتون ادا ڪرڻ وفاق جي ذميواري آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته بجلي ٺاهيندڙ ادارن آءِ پي پيز جي معاهدن تي سنڌ حڪومت جو موقف واضح آهي، آءِ پي پيز سان ڪيل معاهدن تي نظرثاني جي ضرورت آهي، اهي معاهدا ٻيهر ٿيڻ گھرجن، جيترو جلدي ٿي سگھي، وفاق انهي معاملي کي حل ڪري. هن وڌيڪ چيو ته حب رور روڊ تي به 2 هزار ايڪڙن تي مُلڪ جو جديد ترين اسپيشل اڪنامڪ زون ٺاهيو ويندو، انهي اڪنامڪ زون کي به پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شِپ جي بنياد تي هلايو ويندو، نوري آباد انڊسٽريل زون جي 1300 ايڪڙ تي مشتمل فيز ٿري تي به ڪم شروع ڪيو ويو آهي، سروس انڊسٽريز پنجاب ڇڏي نوري آباد صنعتي زون ۾ 50 ايڪڙ ايراضي تي انڊسٽري لڳائي هي. هن چيو ته سنڌ جو صنعتن وارو کاتو سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ايگري پروسيسنگ زون ٺاهڻ جو ارادو رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ترقياتي منصوبن تي وفاقي بيوروڪريسي جو رويو درست ناهي، جنهن کي قومي مفاد ۾ درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ کان وصول ٿيندڙ ٽيڪس سنڌ جي ترقياتي منصوبن کي لڳائڻ گھرجي، سنڌ سرڪار ڪراچي جي 7 ئي صنعتي زونن جي زمينن جو رڪارڊ جلد ڊجيٽلائيز ڪندي، زرعي ٽيڪس جي معاملن جي ذميواري به سنڌ روينيو بورڊ کي ڏني وڃي .