پٿورو: شاخن ۾ پاڻي کوٽ برقرار، فصل سڪي تباهه،آبادگارن جي ڏورانهن علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ شروع

جُون 20, 2024

پٿورو  (ن پ ا ) نارا ڪينال مان نڪرندڙ  کپري واھ  ۽ مٺڙائون  ڪينال  جي مختلف شاخن ۾ پاڻي جي ھٿرادو  کوٽ برقرار رهڻ  سبب پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو،  کاھي شاخ جمعا شاخ پٿورو مائينر سرھاڙي شاخ قبول شاخ ٻين  شاخن جي پڇڙين ۾ گذريل ٻن مهينن کان پاڻي جي ھٿرادو  کوٽ برقرار، پٿوري تعلقي مختلف ڳوٺن  حاجي بادل نوھڙي صديق ابڙو ڀائيخان نوھڙي سلام پورا سيد غلام حيدر شاهه   ھوندو آريسر اڪرم آرئين  ٻين ڳوٺن پاني جا تلا سڪي ويا آهن  جڏھن  هزارين ايڪڙن تي پوکيل مرچ ڦٽيءِ توڙي ڀاڄين جو فصل سڪي تباهه ٿي ويو آهي مختلف شاخن جي زميندارن قمر آريسر امان الله  ساند بابر علي نوھڙي طارق علي ڇورو ٻين  صحافين کي  ٻڌايو ته  اسان جي شاخن جي ٽيل م بن  مھيني کان پاڻي نه  اچڻ ڪري اسان جا  ڪروڙين جا پوکيل فصل تباهه  ٿي ويا آهن اسان معاشي ڪنگال ٿي ويا آهيون اسان رڙيون ڪري ٿڪجي پيا آھيون ڪير پڇڻ وارو ناھي مٿي منڊ بااثر   آبادرگار ايريگشن عملدارن جي آشيرواد سان سري عام پمپ ۽ مشينون لڳائي پوري چوري ڪري رھيان آهن  اسان جا ڪروڙين روپين پوکيل فصل سڪي تباهه  ٿي ويا آهن،  ھاڻ اسان پئڻ لا۽ به  پاڻي ناھي اسان جو چوپايو مال به  اڄ مري رھيو آهي پکي پکڻ به اڃ وگهي تڙپي تڙپي مرڻ شروع ٿي و پاڻي جي سنگين صورتحال پيدا ٿيڻ ۽ فصل سڪي ٺونٺ ٿيڻ بعد بک بدحالي وڌي وئي آهي جنهن ڪري مختلف هنڌن تي هارپو ڪندڙ هارين پڻ فصلن مان آسرو لاهي ڏورانهن علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ رهواسين  جر جو ٻاڙو پاڻي واپرائڻ تي مجبور بڻيل آهن جنهن  سبب پيٽ جي بيمارين مبتلا ٿي رھيان آهي  کاھي شاخ جي ٽيل م ھڪ مھيني کان پاڻي نه  اچڻ ڪري پٿورو شھر م پاڻي بحران شدت اختيار ڪري ويو گذريل پنج ڏينهن  کان  واٽر سپلائي م پاڻي نه  ھجڻ ڪري شھري پنهنجو ڪاروبار بند ڪري پاڻي تلاش ڀٽڪي رھيان آهن في ڊرم 300 کان پنج سئو روپيا وٺڻ تي مجبور آهن

Leave A Comment