طوفاني برساتن بلوچستان جي شهر گوادر کي ٻوڙي ڇڏيو
فيبروري 28, 2024
طوفاني برساتن بلوچستان جي شهر گوادر کي ٻوڙي ڇڏيو، اڱاري جي صبح کان شروع ٿيل برسات اڄ صبح تائين جاري رهڻ سبب شهر ۽ ڀرپاسي جا اڪثر علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا، طوفاني برساتن سبب شهر جو مواصلاتي نظام درهم برهم، شهر جي اڪثر علائقن ۾ 3 کان 4 فوٽ پاڻي بيهجي ويو، برساتي پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پوڻ سبب ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پيا، طوفاني برساتن سبب سمنڊ ڪناري بيٺل ڪيترين ئي ٻيڙين کي به نقصان پهتو، ڪمشنر مڪران ڊويزن سعيد عمراڻي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ گوادر پهچي ويو، ڪمشنر جو چوڻ آهي ته شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڪيترائي گهر ڪري پيا آهن پر ڪو جاني نقصان نه ٿيو آهي، متاثر خاندانن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو پيو وڃي