سنڌ ۾ طوفاني برسات، سولر پليٽون ۽ ڀتيون ڪرڻ سبب 3 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي، بجلي بند
جُون 7, 2024
ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز طوفان سان برسات، ڪچن گهرن جون ڇتيون ۽ ڇپرا اڏامي ويا، سولر پليٽون ۽ ڀتيون ڪرڻ سبب عورت سميت 3 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي، بجلي بند، موسم خوشگوار، نواب شاهه ۾ برسات دوران ڪم ڪندڙ مزدورن مٿان ڀت ڪري پئي، جنهن ۾ ٻئي پورهيت انيل ڪمار ۽ زاهد ڪنڊاڻي دٻجي فوت ٿي ويا، ٻنهي ڄڻن جو تعلق بڇيري سان ٻڌايو پيو وڃي، ڪنڊيارو ۾ تيز طوفان سان برسات بعد موسم خوشگوار بڻجي وئي، ڄام صاحب ۾ برسات سبب دڪانن ۽ هوٽلن جا ڇپرا اڏامي ويا ۽ سولر پليٽون ڪري پيون، جڏهن ته نوجوان سنجي ڪمار ميگهواڙ زخمي ٿي پيو، شاهپورچاڪر ۾ مٽي جي طوفان سان برسات پئي، جنهن بعد موصلاتي نظام برهم برهم ٿي ويو، منهڙو ۾ هلڪي برسات پئي، جنهن دوران پڻ ڪري پيا، دريا خان مري ۾ برسات سبب ڪکانون گھرن جون ڇتيون، سولر پليٽون ۽ دڪانن جا ڇپرا ۽ وڻ ڪري پيا، سڪرنڊ ۾ تيز طوفاني هوا ساب برسات پئي، جنهن ۾ سولر پليٽون، ڀتيون ۽ وڻ ڪرڻ سبب 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڪکانون گهرن جا ڇپرا اڏامي ويا، قاضي احمد ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ تيز مٽي جي طوفان سبب بجلي بند ٿي وئي، جڏهن ته ڀتيون، ڇتيون ۽ سولر پيلٽون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 35 ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ مقامي اسپتال پهچايو ويو، اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هجڻ سبب زخمي تڙپندا رهيا.دوڙ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گجگوڙ سان گڏ تيز طوفاني برسات پئي، ۾ گهرن مٿان پيل سولر پليٽون ۽ ڇپرا اڏامي ويا، جڏهن ته ٽائيم نيوز جي ڪئميرا مين نياز عباسي جو 15 سالا ڀاڻيجو ياسين ديوار ڪرڻ جي نتيجي ۾ سخت زخمي ٿي پيو، شھدادپور ۾ برسات دوران ڪچن گهرن جون ڇتيون، دڪانن جا ڇپرا، سولر پليٽون ڪرڻ سبب 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ھالا، ھالا پراڻا، کنڊو، نيوسعيدآباد ۽ اڏيرولال اسٽيشن ۾ برسات ۽ تيز هوا سبب ڪکانوان ڇپرا اڏامي ويا، سن ڀرسان ڳوٺ صوڀو مڪراڻي ۾ ڇت ڪرڻ سبب 70 ورهين جي موري کوسو دٻجي فوت ٿي وئي ۽ نينگري روزينا کوسو زخمي ٿي پئي
برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تياريون: سمورا ادارا الرٽ
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي چيف سيڪريٽري سانوڻي جي برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن کي اڳواٽ اپاءُ وٺڻ جي هدايت ڪندي روزانو جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو پابند بڻائي ڇڏيو، ڪالهه ٿيل اجلاس ۾ هن چيو ته هيل سانوڻي جون امڪاني برساتون تيز ٿيڻ جو امڪان آهي، لاڳاپيل ادارا الرٽ رهن، هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ اختيارين کي خاص اپاءُ وٺڻ گهرجن، کين پاڻي جي نيڪال لاءِ پمپس کي بجلي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي، هن مڪاني سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ ٽائون چيئرمينن کي برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ هنگامي اپاءُ وٺڻ لاءِ الرٽ ڪيو وڃي. چيف سيڪريٽري ڪراچي جي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته ايمرجنسي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ضلعي سطح تي ڪنٽرول روم قائم ڪيا وڃن، ريسڪيو 1122 ۽ صحت کاتو به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءَ پلان تيار ڪن، چيف سيڪريٽري لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته زبون عمارتن کي رهواسين کان خالي ڪرايو وڃي. ان موقعي تي ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته ڪراچي جي 586 نالن جي صفائي ڪرائي پئي وڃي، برساتن کان اڳ شهر جي 310 چوڪنگ پوائنٽس کي به ڪليئر ڪرايو ويندو