سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوا سان برسات، شهر تلائن ۾ تبديل، ڇاڇرو ۾ وڄ ڪرڻ جا 4 واقعا

آگسٽ 27, 2024

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوا سان برسات، شهر تلائن ۾ تبديل، ڇاڇرو ۾ وڄ ڪرڻ جا 4 واقعا، ان سلسلي ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ڪراچي جي مختلف شهرن ملير، گلستان جوهر، ملير ڪينٽ، ڊفينس، ڪورنگي، مهراڻ ٽائون ۽ ٻين شهرن ۾ برسات سبب روڊن رستن تي تلائن جي صورت ۾ پاڻي بيهي ويو.  حيدرآباد ۾ سخت گرمي کانپوءِ برسات جو وسڪارو ٿيو، جڏهن ته حيسڪو جي لاپرواهي سبب اڪثر علائقن ۾ بجلي فراهمي بند ٿي وئي، تيز وسڪاري بعد شهر جي هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو، ٻئي پاسي ڪوٽڙي ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوا سان گڏ برسات جو وسڪارو ٿيو، جڏھن ته برسات شروع ٿيندي ئي بجلي فراهمي معطل ٿي وئي، ھالا، ھالا پراڻا، ڪرم خان نظاماڻي، کنڊو سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ھڪ ڪلاڪ تائين ڪٿي ته  ڪٿي ھلڪي برسات جو وسڪارو ٿيو، شهر جي ھيٺانھن وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو، ٽنڊوالهيار شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات جو وسڪارو ٿيو، ھيٺائين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته  بجليءَ فراهمي معطل ٿي وئي، نيوسعيداباد، بکر جمالي، ڀليڏنو ڪاڪا، پراڻي سعيدآباد، ۽ ٻين علائقن ۾ وقفي وقفي سان تيز برسات جو سلسلو جاري رهيو، ڀٽ شاھه ۽ آسپاس جي علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات جو زوردار وسڪارو ٿيو، برسات بعد روهڙي ڪئنال کي لڳل گهاري جي متاثرين جا اهنج ٻيڻا ٿي ويا، ٽنڊو غلام حيدر ۾ طوفاني برسات جو وسڪارو ٿيو. عمرڪوٽ شھر ۽ ڀرپاسي تيز طوفاني برسات، شهر درياهه جو ڏيک ڏيڻ لڳو. بدين ضلعي ۾ تيز طوفاني برسات تباھي مچائي ڇڏي، ڪيترائي ڪچاگھر ڊهي پٽ پئجي ويا ۽ وڻ ڪِري پيا، ڇپرا اڏامي ويا، برساتي پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، انتظاميا ڪي به اپاءَ نه ورتا. سجاول ۽ آس پاس ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي ھلڪي برسات، بجلي فراهمي معطل ٿي وئي. ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، ڳوٺ روهيراڙو صاحباڻي ڀيل ۾ برسات دوران وڄ ڪرڻ جي زوردار ٺڪاءُ جي خوف ۾ 50 سالن جو اڌڙوٽ شخص پونو پٽ ڀگو ڀيل فوت ٿي ويو، ساڳي ڳوٺ ۾ گهر تي وڄ ڪرڻ جي واقعي ۾ ڳوٺاڻي سروپو ڀيل جون پنج رڍون سڙي مري ويون، ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ ڪيتار ڀرسان کيجهڙي جي وڻ تي وڄ ڪرڻ سبب ٻه مور پکي مري ويا، ڳوٺ سالار جي ڍاڻي ڀرسان برسات دوران اٺ مٿي کيوڻ ڪرڻ سبب مري ويو ڪنري کان ڪانٽيو ڇاڇرو ايندڙ روڊ تيز برساتن سبب لڙهي ويو، ملڪاڻي شريف ۽ ڀرپاسي ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو وسڪارو، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. ڏيئي شهر ۽ ڀرپاسي تيز هوا ۽ گجگوڙ سان برسات، بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. غلام شاهه موري شهر ڀرپاسي برسات سبب بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. پيرولاشاري ۽ ڀرپاسي باقر موري، ٻاريجي موري، ساريجا اسٽاپ، آريسر اسٽاپ، گھڙو، مورجھر موري ،شاھ طريل ،شاھ گريو درگاھ سميت ٻين علائقن ۾ وسڪاري سبب فصلن کي نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. ٽنڊو آدم ۾ سخت گرمي ۽ گهٽ ٻوسٽ کانپوءِ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو،  ٽنڊوباگو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات سبب سڄو شهر پاڻي هيٺ اچي ويو. نئون دمبالو برسات سبب هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. پنگريو  ۾ به برسات سبب هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، ميرپور ساڪرو ۽ ڀرپاسي ٻھارا، غلام الله ، ليٽ اسٽاپ، لڌيا اسٽاپ، ٽاڪاڻي اسٽاپ ۽ ٻين ننڍن وڏن شھر ۾ تيز ھوائن سان گڏ زوردار برسات سبب بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. ڪيٽي بندر، ٻگھاڻ، ڳاڙھو ۽ ساحلي پٽيءَ ۾ گجگوڙ سان برسات  پئي، بجلي بند ٿي وئي. ڪڙيوگهنور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا، آسماني بجلي جي چمڪن ۽ گجگوڙ سان برسات جو وسڪاروٿيو. گولاڙچي تعلقي ۽ سامونڊي پٽي ۾ گجگوڙ تيز ھوا سان گڏ برسات  پوڻ سبب بجلي بند ٿي وئي. صوفي  فقير ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو وسڪارو ٿيو. نيوڇور ۽ ڀرپاسي تيز هوائن ۽ گجگوڙن سان برسات سبب هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. ڇور،  ڇور ۽ ڀرپاسي تيز هوا سان وسڪارو ٿيو. ڪنري تعلقي ۾ تيز طوفاني برسات، مواصلاتي نظام درھم برھم، بجلي جا پول، وڻ، سولر پينل ڪري پيا، روڊ رستا پاڻي ھيٺ اچي ويا.ميرپورساڪرو ۾ تيار بيٺل ساريالي فصل کي برسات سبب ڪاپاري ڌڪ، آبادگارن کي لکين رپين جي نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. ڪڍڻ ۽ ڀرپاسي برسات مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو. ماتلي ۾ تيز ھوا سان گڏ برسات، تيار فصل کي نقصان جو خدشو، هاري ۽ آبادگار سخت پريشان ٿي ويا. ٺٽي ۽ ڀرپاسي برسات جون تباهه ڪاريون جاري، برسات سبب شهر توڙي ڀرپاسي هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. جهوڪ شريف ۽ ڀرپاسي تيز برسات سبب ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا.شهدادپور ۽ آسپاس جي علائقن ۾ روزدار برسات جو وسڪارو ٿيو، کڏڙو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سڄو ڏينھن وقفي وقفي سان تيز ھوا سان گڏ برسات جو سلسلو جاري رھيو، جاتي، گهارو، ميرپوربٺورو ۽ دڙو ۾ به وسڪارو ٿيو. شاهپورچاڪر ۽ ڀرپاسي برسات پوڻ سبب شهر جي مک بازارن ۾ پاڻي بيهجي ويو. ننگرپارڪر ۾ مسلسل ٽئين ڏينھن به برسات جاري رهي، برسات سبب ننگرپارڪر ۽ آسپاس جي ڊيمن ۾ نديون وھڻ سبب پاڻي اچي ويو آھي. ننگرپارڪر ۾ 3 ڏينھن کان ھلندڙ برسات سرڪاري انگ اکرن موجب 181 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي ويئي آھي. ننگرپارڪر گھمڻ لاءِ آيل موٽر وي پوليس اھلڪار عابد جٽ ۽ سندس دوست 9 ڄڻا ڪارونجھر جبل ۾ ٺھيل مايا ڊيم گھمڻ ويا ته زوردار برسات سبب جبل ۾ ڦاسي پيا. اطلاع تي ننگرپارڪر پوليس ۽ شھرين کين ريسڪيو ڪري بچائي ورتو. ايس ايچ او پيتامبر شرما ٻڌايو ته اسان کي اطلاع ملندي ئي پوليس اھلڪار ۽ شھر جي نوجوانن سان گڏجي کين ريسڪيو ڪري بچائي ورتو ۽ پاڻي کان ٻاھر ڪڍي ورتا. لاڙڪاڻي ۾ تيز هوائن ۽ وڏ ڦڙي سان پيل برسات سبب گرميءَ جو زور ٽٽي ويو، برسات سبب شهر جا اڪثر روڊ رستا توڙي ڳتيل آبادي وارا علائقا برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا، بجلي جا ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿي ويا، برسات سبب ڪمزور ڪيترن ئي علائقن ۾ ڀتيون، ڇتيون، ڇاپرا، سائن روڊ ۽ وڻ ڪري پيا،  سجاول جوڻيجو  ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ھڪ ڪلاڪ جي برسات پوڻ ڪري انتظاميا جي پت وائکي ٿي وئي، روڊ رستن تي پاڻيءَ جا تلاءَ ٺهي ويا، بجلي به ڪلاڪن جا ڪلاڪ بند رهي، ميروخان ۾ تيز طوفاني برسات سبب ڪيترا وڻ ڪِري پيا، ڊرينيج جو نظام ناڪاره هجڻ ڪري برسات جو پاڻي روڊن رستن ۽ گهٽين ۾ بيهجي ويو، شھدادڪوٽ ۾ برسات کان پوءِ شھر جي سڀني فيڊرن جي بجلي 24 ڪلاڪن کان بند ٿي وئي.

Leave A Comment