جدوجهد چيف جسٽس لاءِ ناهي، آئيني عدالت ۾ جسٽس فائز هجي يا جسٽس منصور مسئلو ناهي: بلاول

آڪٽوبر 2, 2024

ڪوئيٽا(م ڊ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئيني عدالت جو چيف جسٽس قاضي فائز هجي يا جسٽس منصور مون کي ڪو مسئلو ناهي، توهان کي ڪنهن شخصيت سان مسئلو ٿي سگهي ٿو، آئيني ترميم جي حوالي سان آئون هاڻوڪي چيف جسٽس لاءِ جدوجهد نه ڪري رهيو آهيان، ڪميٽي اتفاق راءِ سان جنهن کي جج مقرر ڪري اهو ئي جج ٿيڻ گهرجي، پيپلزپارٽي جي چيئرمين ڪوئيٽا ۾ بلوچستان بار ايسوسيئيشن کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته اسان 30 سالن جي جدوجهد کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو آهي ته آئيني عدالت ٺهي، منهنجي نه پر توهان جي ڪنهن شخصيت لاءِ ايجنڊا ٿي سگهي ٿي، مون کي خبر آهي ته ملڪ ۾ انصاف ملڻ ڪيترو ڏکيو آهي، توهان ڪنهن وزيراعظم کي نيڪالي ڏيو ۽ اسان ٻڙڪ به نه ڪڇون، چيو ويو ته رياست ماءُ جهڙي هوندي پر پوءِ رياست پيءُ جهڙي ٿي وئي ۽ ان ۾ وڏو هٿ افتخار چوڌري جو هو، پهريون ڀيرو جسٽس فائز عيسيٰ ۽ جسٽس منصور جي زماني ۾ اميد نظر اچي رهي آهي، مون کي ڪو به مسئلو نه آهي انهن ٻنهي ججن مان ڪير به اچي آئيني عدالت ۾ ويهي، بلاول وڌيڪ چيو ته  نئين ميثاق جمهوريت ۾ پهريون مطالبو آهي ته آئيني عدالت ٺهڻ گهرجي، ڇا توهان يقين ڏياريندا ته سموري ارڙهين ترميم اڏائڻ جي ڌمڪي نه ڏني ويندي، ايڏا سارا ڪيس آهن جيڪي ٻڌا نه ٿا وڃن، ڪجهه مهينن بعد هڪ سياسي ڪيس اچي وڃي ٿو، چاهيان ٿو ته صوبائي سطح تي به آئيني عدالت هجي، هيل تائين وفاقي حڪومت سان جيڪو طئي ڪيو آهي اهو وفاقي آئيني عدالت آهي، اسان چاهيون ٿا ته ڪميٽي اتفاق راءِ سان جج جو فيصلو ڪري، ڪميٽي اتفاق راءِ سان جنهن کي جج بڻائي ان کي جج بڻجڻ گهرجي، اڄ تمام خراب حالتون آهن پر ان کان اڳ ته ان کان به وڌيڪ خراب صورتحال هئي، منهنجي والد بنا ڪنهن سزا جي قيد ڪاٽيو، اهو ئي عدالت جو نظام هو..آئيني عدالت جي مخالفت ڪندڙ وڪالت ۽ سياست ڇڏڻي پوندي.

Leave A Comment