شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ شاگردن کان پيپر نه وٺڻ واري معاملي تان وائيس چانسلر رجسٽرار کي هٽائي ڇڏيو

جُون 4, 2024

شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ شاگردن کان پيپر نه وٺڻ واري معاملي تان وائيس چانسلر رجسٽرار کي هٽائي ڇڏيو، فرمان منگي نئون رجسٽرار مقرر، هٽايل رجسٽرار نظير مڱڻيجو تي شاگردن کان پيپر نه وٺڻ، يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ ۽ ھاسٽلز خالي ڪرائڻ جا الزام، وي سي خليل الرحمان ابوپوٽو امتحان ملتوي ڪرڻ ۽ اونهاري جي موڪلن وارو نوٽيفڪيشن به ڪينسل ڪري ڇڏيو، واڳيل اختيارين کي رهيل پيپر شيڊول تحت وٺڻ جي هدايت، هٽايل رجسٽرار نظير مڱڻيجو پنهنجي اڳوڻي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وي سي جي آرڊر کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو، نظير مڱڻيجو چيو ته يونيورسٽي پاران اڳ ئي گرمي جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو هو، ڊين ۽ سمورن ڊپارٽمينٽس جي سربراهن کي اعتماد ۾ وٺي فيصلو ڪيو ويو هو، گذريل ڏينهن فزڪس واري شعبي جي اڪيلي سربراهه وي سي جي حمايت ۾ زبردستي شاگردن کي گهرائي پيپر ورتو، تعليمي سرگرمين کي ذاتي ايجنڊا لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي

Leave A Comment