صوبيه بتول شاهه جي ڄنگهن جو آپريشن: سندس حالت سڌرندڙ
جُولاءِ 29, 2024
نواب شاهه (رپورٽر) نوشھرو فيروز جي علائقي گل ٽائون ۾ پيءُ، چاچن ۽ سئوٽن ھٿان تشدد جو نشانو بڻيل صوبيه بتول جو علاج نواب شاهه جي پي ايم سي اسپتال ۾ جاري آھي، جڏھن ته گذريل رات ڊاڪٽرن پاران متاثر ڄنگھن جو آپريشن ڪيو ويو، جنھن بعد سندس حالت سڌرندڙ آھي، هوڏانهن مختلف سماجي تنظيمن ۽ عورت اڳواڻن پاران عيادت جو سلسلو جاري آھي، ڪالهه ھيوومن رائيٽس سنڌ جي عورت اڳواڻن انس ھارون، شيرين اعجاز، مھر افشان ميمڻ ۽ ٻين پي ايم سي اسپتال پھچي صوبيه بتول جي عيادت ڪئي، ان موقعي تي عورت اڳواڻن جو چوڻ هو ته صوبيه بتول سان پيش ايندڙ واقعو انتھائي مذمت جوڳو عمل آھي، جنھن جي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آھي، ھنن چيو ته اسان صوبيه بتول جي ھن ممڪن مدد ڪنداسين، اسان جي ڪوشش آھي ته جوابدارن جي ڪنھن به صورت ۾ ضمانت نه ٿئي ۽ انھن کي سخت کان سخت سزا اچڻ گھرجي، ھنن چيو ته جوابدار ڪيترا به بااثر ڇو نه ھجن انھن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ ھر ممڪن مدد ڪنداسين.
مجاهد ۽ طالب شاهه ڌمڪيون پيا ڏين، جان کي خطرو آهي: صوبيه
نوابشاهه: صوبيه بتول چيو آهي ته مون تي حملو ڪندڙ جوابدار ضمانتون ڪرائي آزاد گھمي رھيا آھن ۽ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته ڪيس تان ھٿ کڻ ٻي صورت ۾ تون کي ماري ڇڏينداسين، ھن چيو ته مون تي حملو ڪندڙ جوابدار جي مجاھد شاھ ۽ طالب شاھ پٺڀرائي ڪري رھيا آھن، جن مان جان جو خطرو آھي، ھن ڊي آءِ جي شھيد بينظيرآباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.
پوليس حملي ۾ استعمال ٿيل ڪهاڙي ۽ پسٽل هٿ ڪري ورتا
نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز پوليس والد ۽ چاچن پاران زخمي ڪيل عورت صوبيه بتول شاهه جي داخل ڪرايل ڪيس تحت حملي ۾ استعمال ٿيل ھٿيار ھٿ ڪري ورتا، گرفتار ٿيل صوبيه جي پيءُ غلام مصطفيٰ شاهه ڏوهه جو اعتراف ڪندي استعمال ٿيل ڪهاڙي ۽ پسٽل پوليس حوالي ڪيو، جيڪو سندس ڳوٺ ڀرسان ڪمند جي فصل ۾ پوريل ھئا ۽ زخمي عورت جو رت لڳل هو