کنڊ، سگريٽ، ڪپڙو، چمڙو، موبائل فون، ڪاغذ، شيشو، لوهه، پراپرٽي، سيمينٽ، گاڏيون، اليڪٽرانڪ سامان مهانگا: پگهارن ۾ 25 ۽ پينشن ۾ 15سيڪڙو واڌ: 12.97 کرب جا ٽيڪسز لاڳو
جُون 13, 2024
اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) مالي سال 2024-25 لاءِ 188کرب 87 ارب جي بجيٽ پيش، ساڍا 8 هزار ارب خسارو، 12.79 کرب جا ٽيڪسز شامل، ڪپڙو، سگريٽ، موبائل فون، ڪاغذ، لوهه، سيمينٽ مهانگا، سولر پئنل سستا، پلاٽن، پراپرٽيز تي 5سيڪڙو فيڊرل ٽئڪس لاڳو، نان فائلر لاءِ ٽئڪس شرح 35 مان وڌائي 45سيڪڙو مقرر، پرڏيهه وڃڻ تي به پابندي هوندي، سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ 25 ۽ پينشن ۾ 15سيڪڙو واڌ، گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پگهار 37 هزار ڪرڻ جو اعلان، دفاع لاءِ 2122 ارب، ترقياتي بجيٽ لاءِ 14 سئو ارب مختص، پيٽرول ۽ ڊيزل تي ٽئڪس وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. بجيٽ پيش ڪرڻ دوران سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن پاران گوڙ ڪيو ويو، ميمبرن پنهنجي سيٽن تي بيهي احتجاج ڪيو، گوڙ دوران بجيٽ پيش ڪئي وئي. قومي اسيمبلي ۾ ناڻي وزير محمد اورنگزيب مالي سال 25/2024 لاءِ ساڍا 8 هزار ارب رپين جي خساري سان 18 کرب 87 ارب جي بجيٽ پيش ڪئي. پيش ڪيل بجيٽ ۾ ڪل ٽيڪس آمدني جو ڪاٿو 17 هزار 815 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. جنهن ۾ ايف بي آر کي ٽيڪس وصولين جو حدف 12 هزار 970 ارب جڏهن ته نان ٽيڪس روينيو جي مد ۾ 4 هزار 845 ارب رپين جون وصوليون شامل آهن. ٽيڪس آمدني 17 هزار 815 ارب رپين مان صوبن کي ايندڙ مالي سال دوران مجموعي طور تي 7 هزار 438 ارب رپيا جاري ٿيندا. جنهن کان پوءِ وفاق وٽ ڪُل 10 هزار 377 ارب رپيا بچندا. جڏهن ته ايندڙ مالي سال دوران ڪل خرچن جو ڪاٿو 18 هزار 877 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. ائين نئين مالي سال جي ساڍا 8 هزار ارب رپين جي خساري واري بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي. جيڪو خسارو مختلف ادارن کان ٽيڪس وصول ڪري پورو ڪيو ويندو. نئين مالي سال دوران دفاعي خرچن لاءِ 2 هزار 122 ارب ۽ ترقياتي بجيٽ لاءِ 14 سئو ارب رپيا رکيا ويا، جڏهن ته قرضن تي وياج جي ادائگي لاءِ 9775 ارب، پينشن جي ادائگي لاءِ هڪ هزار 14 ارب، صوبن کي گرانٽس ۽ منتقلين جي مد ۾ 1777 ارب، سبسڊي جي مد ۾ 1363 ارب، وفاقي حڪومت جي خرچن لاءِ 839 ارب، هنگامي خرچن لاءِ 313 ارب رکيا ويا آهن. ناڻي جي وفاقي وزير محمد اورنگزيب بجيٽ تقرير ۾ چيو ته ايندڙ مالي سال لاءِ بجيٽ خساري جو ڪاٿو 8 هزار 500 ارب رپيا لڳايو ويو، ايندڙ مالي سال ۾ ملڪ کي قرضن تي 9 هزار 775 ارب رپيا وياج ادا ڪرڻو پوندو. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ ٽئڪس اوڳاڙي جو هدف 12 هزار 970 کرب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. انڪم ٽئڪس جي مد ۾ 5 هزار 454 ارب 6 ڪروڙ رپيا اوڳاڙي جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، اڻ سڌن ٽئڪسز جي مد ۾ 7 هزار 458 ارب رپيا اوڳاڙي جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ هڪ هزار 591 ارب روپيا اوڳاڙي جو هدف مقرر ڪيو ويو، سيلز ٽئڪس جي مد ۾ 4 هزار 919 ارب رپيا اوڳاڙي جو هدف مقرر، ايڪسائيز ڊيوٽي جي مد ۾ 948 ارب رپيا حاصل ڪرڻ جو ٽارگيٽ رکيو ويو، ايندڙ مالي سال پراپرٽي ڪيپيٽل گين تي ٽئڪس ۾ واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، ٽئڪس جي شرح فائلرز لاءِ 15 ۽ نان فائلرز لاءِ 45 سيڪڙو مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي، ناڻي جي وفاقي وزير چيو ته فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ سان اسمگل ۽ جعلي سگريٽن جو ازالو ڪرڻ ممڪن هوندو. بجيٽ ۾ گريڊ هڪ کان 16 تائين جي سرڪاري ملازمن جي پگهار 25 سيڪڙو، پينشن 15 سيڪڙو وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پگهار 37 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز، ناڻي جي وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته هڪ کان 16هين گريڊ تائين ملازمن جي پگهار ۾ 25 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي، 17 کان 22هين گريڊ تائين سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ 20 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي، رٽائرڊ ملازمن جي پگهار ۾ 15 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پگهار 32 هزار مان وڌائي 37 هزار رپيا ڪئي وئي. جڏهن ته بجيٽ ۾ عوام کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي مد ۾ واڌو ٽئڪس اوڳاڙڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن، حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي عوام کان واڌو ٽئڪس اوڳاڙڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، ايندڙ مالي سال ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي 60 مان وڌائي 80 رپيا في لِٽر اوڳاڙڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، گاسليٽ تي پيٽروليم ليوي 50 رپيا في لِٽر برقرار رکڻ جي تجويز آهي، لائيٽ ڊيزل آئل تي پيٽروليم ليوي جي شرح 50 مان وڌائي 75 روپيا في لِٽر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.پيش ڪيل بجيٽ تحت ڪپڙو، چمڙو، سگريٽ، سمارٽ فون، پنو ۽ شيشو مهانگا، ڪوئلو، پلاسٽڪ، لوهه، ٽامون، پلاٽ، فليٽ، سيمينٽ، هائيبرڊ ۽ اليڪٽرڪ گاڏيون مهانگيون ٿينديون، بيٽريز ۽ سولر پئنل سستا ٿيندا، جعلي ۽ اسمگل ٿيل سگريٽ کپائيندڙ دڪاندارن توڙي ڪيبن وارا سزا کان نه بچي سگهندا، بجيٽ ۾ ٽيڪسٽائيل ۽ چمڙي جي شين تي جِي ايس ٽِي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، موبائل فونز تي جي ايس ٽي 18 سيڪڙو ڪئي ويندي، سمارٽ فونز تي جي ايس ٽي 25 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز، ٽامي، ڪوئلي، پني ۽ پلاسٽڪ جي اسڪريپ تي وِد هولڊنگ توڙي سيلز ٽئڪس لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، سگريٽ جي فلٽر ۾ استعمال ٿيندڙ اسٽيٽ ٽُو تي 44 هزار روپيا في ڪلو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائڻ جي تجويز، گاڏين جي رجسٽريشن لاءِ ايڊوانس ٽئڪس اوڳاڙي انجڻ جي صلاحيت بدران اگهن جي بنياد تي ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، بجيٽ دستاويزن ۾ سيمينٽ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 2 رپين مان وڌائي 3 رپيا ڪرڻ جي تجويز، نون پلاٽن، ڪمرشل ۽ رهائشي پرپارٽيز تي 5 سيڪڙو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ملڪيتن تي انڪم ٽئڪس اوڳاڙي جو هدف 477 ارب 11 ڪروڙ رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. پهريان جولاءِ کان سيڪيورٽيز تي گينگ ٽيڪس جي قانون ۾تبديلي ڪندي ڪنهن به مدت لاءِ فائلر جي سيڪيورٽي کي 15 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائڻ ۽ نان فائلر تي 45 سيڪڙو جي ايس ٽي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ايڪسپورٽرن جي آمدني ۾ ٽيڪس 29 سيڪڙو کان 35 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. پگهاردار طبقي لاءِ ٽيڪس سيلب 5 ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. 6 لک سالياني آمدني وارن ملازمن کي ڇوٽ برقرار هوندي. يعني ماهوار 50 هزار پگهار تائين ٽيڪس نه لڳندو، نئين بجيٽ ۾ پگهار دار طبقي تي 75 ارب روپين کان وڌيڪ جو اضافي بار وڌو ويو آهي. غير پگهاردار طبقي تي ٽيڪس جو بار 150 ارب کان وڌيڪ وڌو ويو آهي،گذريل سال جي مقابلي ۾ ايف بي آر کي 38 سو ارب رپين جو اضافو ٽيڪس ٽارگيٽ ڏنو ويو آهي. سيلز ٽيڪس ۽ ڪسٽم جي ڇوٽ ختم ڪئي وئي آهي. لڳ ڀڳ ساڍا 400 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪئي وئي آهي. ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ 150 ارب رپين جي ڇوٽ ختم ڪئي وئي آهي.غير متحرڪ ملڪيتن تي 5 سيڪڙو ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائي وئي آهي. پلاٽن ۽ ڪمرشل پراپرٽي تي ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي. ريٽيلرز تي وڌ هولڊ ٽيڪس جي شرح ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. کنڊ ٺاهيندڙن لاءِ في ڪلو تي 15 رپيا فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. نان فائلرز مٿان پرڏيهي سفر ڪرڻ تي پابندي هوندي. نان فائلرز حج، عمري ۽ تعليم لاءِ پرڏيهه وڃي سگهندا. زيرو ريٽيڊ شعبن لاءِ ڇوٽ ختم ڪئي وئي آهي. 500 ڊالرزن جي ماليت واري موبائل فون تي 25 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪئي وئي آهي. ٽيڪسٽائيل ۽ چمڙي جي شين جي وڪري تي سيلز ٽيڪس 15 کان وڌائي 18 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. ٽئين شيڊول ۾ شامل شين تي گهٽ ۾ گهٽ فڪس قيمت مقرر ڪرڻ جو اختيار ايف بي آر کي ڏنو ويو آهي. فروٽ ۽ خشڪ ميون جي درآمد تي ڏنل ٽيڪس رعايت ختم ڪئي وئي آهي. هائبرڊ گاڏين تي به ڏنل ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪئي وئي آهي. فائلر لاءِ 5 ڪروڙ جي ماليت تي غير متحرڪ ملڪيت تي 3 سيڪڙو انڪم ٽيڪس لڳندي. ٽيڪس فائلرز جي 5 کان 10 ڪروڙ جي ملڪيت تي ساڍا 3 سيڪڙو. 10 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت تي 4 سيڪڙو ٽيڪس، جڏهن ته دير سان گوشوارا جمع ڪرائڻ تي ٽيڪس شرع ۾ ٻيڻ تي اضافو ٿيندو. ملڪيتن جي حوالي سان نان فائلرن تي ٽيڪس جي شرح 12، 16 ۽ 20 سيڪڙو لاڳو ٿيندي. نئين ۽ استعمال ٿيل گاڏين تي به ريگيوليٽري ڊيوٽي ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. ڪاروبار رجسٽرڊ نه ڪرائيندڙ دڪاندارن تي جرماني سان گڏ کين 6 مهينا قيد ۽ ڏنڊ جي سزا به ڏئي سگهبي.