کنڊ مافيا سرڪار کان قرض وٺي وساري ڇڏيو: 23 ارب رپيا واپس نه ڪرڻ جو انڪشاف
سيپٽمبر 28, 2024
حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) کنڊ مافيا سرڪاري خزاني کي مال غنيمت سمجهي 23 ارب رپين کان وڌيڪ قرض ۽ وياج جي رقم بئنڪن کي واپس نه ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سنڌ صوبي جي اڪثر ملز جي انتظاميا به سرڪاري ۽ خانگي بئنڪن کان سال گذرڻ باوجود رهتن جي واپسي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. تفصيل موجب شگرملز جي انتظاميا طرفان هر سال پنهنجا ڪاروبار هلائڻ لاءِ سرڪاري ۽ خانگي بئنڪن کان اربين رپين جا قرض ورتا ويندا آهن، جيڪي بروقت ادائيگي لاءِ ملز انتظاميا طرفان ڪا به اڳڀرائي نه ٿي رهي آهي، جنهن سبب شگر انڊسٽري قومي خزاني مان ورتل قرض ۽ ان تي ٿيندڙ وياج جي اربين رپين جي رقم واپس ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ”پنهنجي اخبار“ کي مليل دستاويزن مطابق مالياتي ادارن مالي وصولي آرڊيننس 2001ع جي سيڪشن ۾ چيو ويو آهي ته هڪ گروي هولڊر مقرر تاريخ کانپوءِ ادائيگي ۾ ناڪام ٿي ويندو آهي جنهن کانپوءِ حتمي نوٽيس جي تاريخ گذري ويندي آهي. مالياتي ادارو بنا ڪنهن عدالت جي مداخلت جي گروي واري ملڪيت يا ان جو حصو عوامي نيلام ذريعي وڪرو ڪري سگهي ٿو ۽ ان جي آمدني کي واجب الادا گروي جي رقم جي مڪمل يا جزوي ادائيگي لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو. دستاويزن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته بينڪن پاران مختلف سالن ۾ اڪثر شگرملز کي 15 ارب 28 ڪروڙ 30 لک رپيا قرض فراهم ڪيا ويا، جڏهن ته بينڪن جي انتظاميا ڌرين کان قرض وصول ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ ان رقم کي خساري جي طور تي ظاهر ڪيو ويو، جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته قرض/ادائيگي موجوده اسٽيٽ بينڪ جي ضابطن مطابق صحيح طور تي محفوظ نه هئي، جنهن جي ڪري 23،348.040 ملين رپيا قرض واپس نه ٿي سگهيو. دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته رهتن جي واپسي لاءِ بينڪن جي انتظاميا کي 6 نومبر 2023ع تي رپورٽ ڪيو ويو پر اربين رپين جا قرض ۽ وياج جي رقم اڃا تائين واپس نه ڪئي وئي آهي.