ڪمند جو اگهه430 يا 450؟ شگر ڪين بورڊ جو اڄ اجلاس: سرڪار ۽ پاسما ۾430 تي اتفاق

آڪٽوبر 9, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ سرڪار ڪمند جو سرڪاري اگھه مقرر ڪرڻ لاءِ شگر ڪين بورڊ جو ٻيو اجلاس اڄ سڏائي ورتو، پاسما ۽ سنڌ حڪومت ڪمند جو سرڪاري اگھه 430 کان 440 رپيا في مڻ  تائين مقرر ڪرڻ تي متفق، آبادگار تنظيمن ڪمند جو في مڻ اگھه 450 رپيا مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت اڃا تائين ڪمند جو سرڪاري اگھه مقرر نه ڪري سگھي آهي، جنهن ڪري آبادگار سخت پريشان آهن، سنڌ حڪومت ڪمند جو سرڪاري اگھه مقرر ڪرڻ لاءِ شگر ڪين بورڊ جو ٻيو اهم اجلاس اڄ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ گھرائي ورتو آهي. زراعت واري صوبائي وزير محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ رٿيل اڄوڪي شگر ڪين بورڊ جي اجلاس ۾ ايوان زراعت سميت آبادگارن جي مختلف تنظيمن ۽ شگر ملز مالڪن جي تنظيم پاسما کي به تجويزون پيش ڪرڻ لاءِ گھرايو ويو آهي. ان حوالي سان ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته پاسما ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ ڪمند جو سرڪاري اگھه 430 کان 440 رپين تائين مقرر ڪرڻ لاءِ اتفاق به ٿي ويو آهي. اڄوڪي اجلاس دوران ڪمند جو اگهه مقرر ٿيڻ جا امڪان آهن. هوڏانهن آبادگارن جي تنظيم ايوان زراعت جي اڳواڻ زاهد ڀرڳڙي ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو هڪ ئي مطالبو آهي ته ڪمند جو سرڪاري اگھه 450 رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي. هن چيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هيل ڪمندجي پيداوار  ۾ 30 سيڪڙو گھٽتائي آئي آهي. هن چيو ته ڪمند جي في ايڪڙ پيداوار 700 مڻ مان گهٽجي 500 مڻ في ايڪڙ تي پهتي آهي. هن چيو ته ڪمند جو في مڻ اگھه 450 روپيا مقرر ڪري شگر ملون پهرين نومبر کان هلايون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت ۽ پاسما ڪمند جي سرڪاري اگھه بابت آبادگارن جي مطالبي ۽ تجويزن کي تسليم نه ڪيو ته پاسما ۽ سنڌ سرڪار واري گھٽ اگھه کي قبول نه ڪنداسين.

Leave A Comment