سکر _حيدرآباد ايم 6 موٽروي منصوبو ٻيهر شروع ڪرڻ جو فيصلو، زمين جي خريداري

سيپٽمبر 6, 2024

مٽياري (رپورٽر)  حڪومت پاران ايم 6 سکر حيدرآباد موٽروي منصوبو ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پهرئين مرحلي ۾ تعلقي مٽياري ۾ 631 ايڪڙن جي خريداري شروع ڪئي وئي،  جنهن جي پهرين ايوارڊ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پنج کاتيدارن کي ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري ٻڌايو ته منصوبي لاءِ ضلعي ۾ 1629 ايڪڙ زمين خريد ڪئي ويندي، جنهن ۾ تعلقي مٽياري ۾ 631، هالا ۾ 413 ۽ سعيداباد ۾ 583 ايڪڙ شامل آهن، زمين جا اگهه ٽن ڪيٽيگريز ۾ ورهايا ويا آهن، جن لاءِ نيشنل هائي وي اٿارٽي کان 5 ارب 63 ڪروڙ جي ڊيمانڊ ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ اسانکي کي 4 ارب 9 ڪروڙ رسيو ٿيا هئا، جن ۾ ڪرپشن ٿي باقي اسان وٽ 2 ارب موجودهه هئا، جن جو بينڪن پاران پرافيٽ مليو 70 ڪروڙ 47 لک اهو به اسان خزاني جي آفيس ۾ جمع ڪرايو آهي،  هن چيو ته  تعلقي مٽياري جي 15 ديهن ۾ زمين جي خريداري لاءِ اسانکي 2 ارب 58 ڪروڙ 24 لک گهربل آهن، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري يوسف شيخ  وڌيڪ چيو ته وڌيڪ زمين جي خريداري لاءِ اسان نيشنل هائي وي کي لکيو آهي ته نيب وٽ جيڪا رقم اسڪينڊل کانپوءِ جمع ٿي آهي اها ۽ اسانکي ڏني وڃي ته جئين اسان زمين خريد ڪري اهان حوالي ڪيون، زمينن ۾ لڳل فصلن، ٽيوب ويلن، ٺهيل جڳهين، وڻن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ اسان فاريسٽ، زراعت، ٽيوب ويل ڊويزن، بلڊنگ ڊويزن کي ڪميٽي ۾ کنيو آهي، هن چيو ته  کاتيدارن کي ڪنهن به روينيو يا وري خزاني آفيس مان ڪنهن به تنگ ڪيو ته ان خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي، ڊي سي  چيو ته کاتيدارن کي زمينن جا پئسا چيڪ، ڪيش وغيره جي صورت ۾ نه ڏنا ويندا، ٿرو ٽريزري نيشنل بينڪ جي رقم ادا ڪئي ويندي، ڊي سي مٽياري موجب  پوئين دور ۾ ڪجهه سرڪاري زمينون به پرائيوٽ ماڻهن جي نالن ڪيون ويون هنيون، جنهن جا کاتا ڪينسل ڪرڻ لاءِ به لکيو ويو آهي،  ڊي سي وڌيڪ چيو ته  اسسٽنٽ ڪمشنرمٽياري عبدالستار جي ڏينھن رات محنت کي تمام گھڻو ساراھيو ويو .ان کان علاوه جيڪي مٽياري جي عوام ۾ خدشات ھئا تي ھاڻي مٽیاري منجھان موٽر وي نه گذرندو اڄ ھن ايوارڊ جي ادائگي کان پوء خدشو ختم ٿيو تقريب ۾ لينڊ اڪيوزيشن ڪليڪٽر اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري، پنجن کاتيدران شرڪت ڪئي،

Leave A Comment