سکر بئراج جو 47 گيٽ لڳي ويو، ڪيسن گيٽ ۽ ڪوفر ڊيم هٽائڻ وارو ڪم شروع
جُولاءِ 22, 2024
سکر (بيورو رپورٽ) سکر بئراج جي متاثر گيٽن وارو معاملو، سکر بئراج جي انتظاميا موجب گيٽ نمبر 47 جو ڪم مڪمل ٿي ويو، سکر بئراج جو نئون 47 هون دروازو لڳائڻ کان اڳ ڪيسن گيٽ لڳايو ويو هو ۽ گيٽ آڏو پاڻي جو وهڪرو روڪڻ لاءِ ڪوفر ڊيم اڏيو ويو هو، نئون گيٽ 47 لڳڻ ۽ فنڪشنل ٿيڻ بعد ڪيسن گيٽ ۽ ڪوفر ڊيم هٽائڻ وارو ڪم انتظاميا شروع ڪري ڇڏيو آهي، گيٽ نمبر 47 تي لڳل ڪيسن گيٽ کي هٽائي گيٽ نمبر 44 هين تي لڳايو ويندو، جنهن لاءِ شپ يارڊ ڪمپنيءَ کي 44 هين گيٽ جي تعمير جو ٺيڪو ڏنو ويو آهي، جنهن تي به ڪم تيزي سان جاري آهي، سکر بئراج انتظاميا موجب پاڻي جي وهڪرن کي نظر ۾ رکندي 44 هين دروازي جي تبديلي وارو ڪم ڪيو ويندو، ذريعن موجب گيٽ نمبر 47 جو ڪم مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان اهو طئي ٿيو هو ته صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ سيڪريٽري گيٽ متعلق ميڊيا کي بريفنگ ڏيندا پر صوبائي وزير آبپاشي ۽ سيڪريٽري خاموشي سان سکر بئراج پهچي دروازن جو معائنو ڪرڻ بعد واپس روانا ٿي ويا، واضع رهي ته آبپاشي کاتي پاران گيٽن کي نقصان پهچڻ جي ڪارڻ ۽ ڪوتاهي ڪندڙ آفيسرن جو تعين ڪري پنج رڪني ڪاميٽي جوڙي پنجن ڏينهن اندر رپورٽ جمع ڪرائڻ جو کين حڪم ڏنو هو، پر هن وقت تائين ڪاميٽي ذميوارن جو تعين ڪرڻ توڙي سکر بئراج جي ٻنهي گيٽن کي شديد نقصان پهچڻ جي ڪارڻن جو تعين ڪرڻ ۾ ناڪام آهي، ايريگيشن کاتي پاران خانه پوري ڪرڻ جي لاءِ چيف انجنيئر سکر بئراج سهيل بلوچ، سپريٽينڊنٽ انجنيئر فياض حسين شاهه، اسسٽنٽ ايگزيڪيٽوَ انجنيئر سول امير بخش مهر ۽ ايگزيڪيٽوَ انجنيئر سيد علي شاهه کي ڪجهه ڏينهن اڳ عهدي تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.