سکر بئراج جو دروازو ٽٽڻ جي ٽيڪنيڪل رپورٽ تيار، اختلافن سبب جاري ڪرڻ کان انڪار

سيپٽمبر 5, 2024

حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) سکر بئراج جو دروازو ٽٽڻ واري واقعي کي لڳ ڀڳ سوا 2 مهينا گذري ويا آهن پر آبپاشي کاتو اڃا تائين ٽيڪنيڪل رپورٽ پڌري نه ڪري سگهيو آهي. آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ظريف احمد کيڙي پاران 21 جون 2024ع تي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جوڙڻ جو آرڊر جاري ڪيو ويو هو جنهن ۾ سنڌ بئراجز امپروومينٽ پروجيڪٽ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر غلام محي الدين مغل کي ڪميٽي جو چيئرمين، ايم ڊي سيڊا پريتم داس، چيف انجنيئر ڊولپمينٽ ون ريجن منصور احمد ميمڻ، چيف انجنيئر سکر بئراج رائيٽ بئنڪ ريجن مختيار احمد ابڙو ۽ اسڪارپ خيرپور جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر محمد حيات شيخ کي ميمبر مقرر ڪيو ويو هو. ڪميٽي کان 5 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪئي وئي هئي پر ٻه مهينا گذرڻ بعد رپورٽ مڪمل ڪئي وئي. آبپاشي کاتي جي ذريعن موجب ڏيڍ هفتو اڳ ٽيڪنيڪل ڪميٽي پنهنجي رپورٽ سيڪريٽري آبپاشي ظريف احمد کيڙي کي ڏياري موڪلي هئي پر سيڪريٽري پاران اڃا تائين اها رپورٽ پڌري نه ڪئي وئي آهي جنهن سبب رپورٽ جي حوالي سان ڪيترائي خدشا ماڻهن جي ذهنن ۾ گردش ڪرڻ لڳا آهن. چيو پيو وڃي ته ٽيڪنيڪل ڪميٽي سکر بئراج جي دروازي جي ٽٽڻ جي حوالي سان اتفاق راءِ قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. ڪميٽي جي چئن ميمبرن ۾ متفق ٿي پنهنجي رپورٽ ڏني جڏهن ته ڪميٽي جي چيئرمين پنهنجا الڳ اختلافي نوٽ لکيا آهن جنهن جي ڪري اها رپورٽ پڌري ڪرڻ کان پاسو ڪيو پيو وڃي. آبپاشي کاتي جي ذريعن اها دعويٰ ڪئي آهي ته ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ سکر بئراج جي ٽٽڻ جو معاملو بئراج جي گهربل مرمت نه ٿيڻ ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته ڪميٽي سکر بئراج جي ناقص ريگيوليشن جي باري ۾ پنهنجي ڪا به راءِ ظاهر نه ڪئي آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سکر بئراج جي انتظاميا ان جي دروازن تي ڪاٺ جا تختا ٻڌي اضافي پاڻي بئراج آڏو روڪڻ جهڙو عمل ڪندي رهي آهي پر ان حوالي سان ڪميٽي جا ميمبر پنهنجي رپورٽ ۾ خاموش رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته بئراج تي موجوده سيڪريٽري ظريف کيڙو سميت اهم آفيسر مقرر رهيا آهن ۽ انهن به اهڙي عمل کي روڪڻ لاءِ ڪي قدم نه کنيا هئا، جنهن جي ڪري ڪوتاهي، لاپرواهي ۽ مبينا ڏوهه جهڙي عمل ۾ اهي آفيسر به ملوث قرار ڏنا وڃن ها، تنهن ڪري ذريعن موجب ڪميٽي ان اهم اشو بابت پنهنجي ڪا به راءِ نه ڏني آهي. هوڏانهن ڪجهه ڏينهن اڳ رابطو ڪرڻ تي سيڪريٽري آبپاشي ظريف احمد کيڙي دعويٰ ڪئي هئي ته ڪجهه ڏينهن ۾ رپورٽ پڌري ڪئي ويندي پر اڃا تائين اها رپورٽ پڌري نه ٿي سگهي آهي جنهن جي ڪري آبپاشي ماهرن جي ذهن ۾ ڪيترائي وسوسا جنم وٺي رهيا آهن.

Leave A Comment