سکر بئراج جي گيٽ نمبر 47 تي ڪافر ڊيم نالي بند ٻڌڻ جو ڪم جاري

جُون 24, 2024

سکر بئراج جي گيٽ نمبر 47 تي ڪافر ڊيم نالي بند ٻڌڻ جو ڪم جاري، انجنيئرز ۽ ماهرن کي پاڻيءَ جي وهڪرن ۾ واڌ سبب ڏکيائيون پيش اچڻ لڳيون، صدر آصف زرداري ۽ وڏي وزير پاران اڄ سکر بئراج جي دوري جا امڪان، چيني ۽ آبپاشي انجنيئرز پاران سکر بئراج جي متاثر گيٽ نمبر 47 تي بند ٻڌڻ جو ڪم جاري، آبپاشي کاتي جي درخواست باوجود ارسا پاڻي وهڪرا گهٽائڻ بدران وڌائي ڇڏيا، 24 ڪلاڪن دوران بئراج وٽ پاڻي وهڪرن ۾ 17 هزار 855 ڪيوسڪس واڌ رڪارڊ، وهڪرن ۾ واڌ کانپوءِ سکر بئراج جي مختلف واهن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جو مقدار به وڌايو ويو، آبپاشي کاتي جي ذريعن موجب پاڻيءَ جا واڌو وهڪرا سکر بئراج طرف وڌي رهيا آهن، بئراج جي دروازن جي بحاليءَ جو ڪم جلد پورو نه ڪيو ويو ته وڌيڪ مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون

Leave A Comment